قطعي معيار جي نسبت

قطعي معيار جي نسبت: آزمائشي تناسب يا تڪڙي نسبت (انگريزي: Acid Test Ratio ) يا (انگريزي: Quick Ratio ) مالياتي علم ۾ قطعي معيار جي نسبت کي تڪڙي نسبت بہ سڏيو ويندو آهي[1] اھا نسبت دراصل مالياتي پختگي جي نسبت [2] جو ھڪ قسم آھي.[3] قطعي معيار جي نسبت سان ڪنھن بہ ڪمپني جي تڪڙي دسترس واري رقم[4] يا اثاثن[5] جي سگھ جي تور تڪ جو نالو آهي جن ذريعي ڪمپني پنھنجي مٿان جاري واجباتن [6] جي تڪڙي ادائگي ڪري سگھي ٿي .تڪڙن يا فوري اثاثن[7] ۾ اھڙا موجود اثاثا [8] شامل ھوندا آھن جيڪي تمام جلدي پنھڻجي اصل قيمت مطابق رقمن ۾ تبديل ٿي سگھندا آھن. اھڙي طرح قطعي معيار جي نسبت اصل ۾ رقمن ۾ فورن تبديل ٿيندڙ انھن موجود اثاثن ۽ موجود واجبات [9] جي وچ ۾ ھڪ مالياتي نسبت [10] جو نالو آهي. عام حالت ۾ ڪمپني جي مالياتي ادائگي جي نسب 1:1 سمجھي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ڪمپني جون رقمون ء فوري اثاثا جملي ان ڪمپني جي موجود واجبات کان گھٽ ھوندا تہ اھا ڪمپني واجبات جي فوري ادائگي ڪرڻ جي قابل نہ رھندي. معاشيات جو ھڪ اصطلاح آهي ۽ لڪويڊٽي جو ھڪ اھم تناسب آھي[11]. اھو ڪنھن بہ ڪمپني جي موجود اثاثن جو ان جي ھڙني واجبات سان تناسب ھوندو آھي، پر اھي اثاثا فوري طور تي قابل تبديل ھجڻ کپن ۽ انھن ۾ گدام وارو سامان شامل نہ ھجڻ کپي[11]. اھو ڪنھن بہ ڪمپني جي مختصر مدي اندر ادائيگين ڪرڻ جي اھليت جو ھڪ پيمانو آھي[11]. ان کي سرعي (تڪڙو) تناسب پڻ سڏيندا آهن[11]. جيئن جيئن تناسب وڌندو آھي تيئن تيئن ڪمپني جي سيالي اثاثا يا لڪويڊٽي جي سائيز وڏي ٿيندي آهي ۽ ان جو مطلب اھو ھوندو آھي تہ ڪمپني پنھنجا سيالي اثاثن يا لڪويڊٽي جي استعمال سان جاري ذميدارين کي بھتر نموني منھن ڏيڻ جي قابل آھي[12]


زمرو:اڪائونٽنگ

فارمولا سنواريو

 

حوالا سنواريو

  1. AccountingCoach LLC, What is the quick ratio?, accessed 2 July 2018
  2. {Liquidity ratio}
  3. AccountingCoach LLC, What is a liquidity ratio?, accessed 2 July 2018
  4. {near cash}
  5. {quick assets}
  6. {Current Liabilities}
  7. {Quick Assets}
  8. {Quick Assets}
  9. {Current Liabilities}
  10. {Financial ratio}
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 [Glossary, Banking and Finance; by : Shakil Faruqi, second edition, State Bank of Pakistan ]
  12. Gallagher, Timothy (2003). Financial Management. Englewood Cliffs: Prentice Hall. pp. 94–95. ISBN 0-13-067488-5. https://archive.org/details/financialmanagem00timo/page/94.