قطر ۾ عورتون
قطر ۾ عورتون(انگريزي: Women in Qatar) مليل جليل موقف رکندڙ آھن. قطر جي ھڪ جدید عرب ملڪ ھجڻ سان ھتي جي عورتن کي ڪيترائي حق مليا آھن ، جنھن ۾ تعلیم جو حق ۽ ملازمت جو حق شامل آھي۔ ان کان علاوه ملڪ جون عورتون باضابطه راند جي مقابلن ۾ بہ حصا وٺنديون آھن. تنھن ھوندي به عورتن تي اڃان ڪافي پابنديون آھن
شيخا خلف المحمد، محبوبه اخلاغي ۽ باھيه الحامد 2011 واري بين العرب راندين م عورتن جي قطري قومي رائيفل جي ٽيم م تمغا ورھائيندي | |
جنسي نابرابري وارو اشاريو[1] | |
---|---|
ڪاٿو | 0.524 (2013) |
درجو | 113th out of 152 |
مائن جي موت جي شرح(ھر ھڪ لک تي) | 7 (2010) |
پارليامينٽ ۾ نمائندگي | 0.1% (2013) |
25 سالن کان مٿي سيڪنڊري تعليم واريون عورتون |
66.7% (2012) |
پورھيت عورتون | 50.8% (2012) |
عالمي جنسي وٿي واري رپورٽ [2] | |
ڪاٿو | 0.6299 (2018) |
درجو | 127th out of 149 |
اڪيلي سر سفر تي پابندي
سنواريوقطر خلیج تعاون ڪونسل (جي سي سي) ۾ شامل واحد ملڪ آهي جتي اڃا تائين عورتن جي لاءِ مرد جي سرپرستي جو قانون نافذ عمل آھي ۽ جنھن مطابق 25 سال کان گھٽ عمر جي عورت يا ڇوڪري پنھنجي سرپرست مرد کان بغیر ٻاھرين ملڪ ۾ سفر نہ ڪري سگھندي آھي[3] اھا پابندي اسلام جي وھابي تحريڪ جي تعليم کان متاثر ٿيندي لڳائي وئي آهي[4] ان جي ابتڙ سعودي عرب بہ جولائي 2019ع ۾ پنھنجي ملڪ ۾ نافذ عورتن ۽ ٻارن جي سرپرستي متعلق قانون ۾ ترميم ڪري ان قسم جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. ھاڻي سعودي عرب ۾ 21 سال کان وڌيڪ عمر جي مرد يا عورت کي پنھنجي سرپرست جي اجازت کانسواءِ بہ سفر ڪرڻ جي اجازت آهي.
راندين ۾ عورتن جي شرڪت
سنواريوقطر ۾ عورتن جي راندين جا کوڙ مقابلا ٿين ٿا، جن ۾ عورتن جا میراٿن بہ شامل آھي، جنھن ۾ ملڪ جون کوڙ عورتون بھرو وٺنديون آھن۔ قطري عورتون عالمي سطح تي بہ راند ۽ تفریحي مقابلن ۾ حصا وٺن ٿيون۔ قطر جي اسماء الثاني قطب شمالي ۾ اسڪائنگ ڪري ھڪ نئي تاریخ رقم ڪئي آھي، جيڪو ڪافي ملڪن جي عورتون اڃا تائين بہ نہ ڪري سگھيون آھن۔ اسماء ملڪ جي فیشن شوز ۾ بہ حصا وٺي چڪي آھي.
سفارتي محاذ ۾ عورتن جي شرڪت
سنواريوشیخ علیا احمد ڌيءَ سیف الثاني گڏيل قومن جي اداري ۾ قطر جي مستقل نمائندي طور مقرر ٿي۔ جيڪا ان عھدي تي فائز ٿيڻ واري قطر جي پھرين عورت آھي۔ اھا ھڪ سفارتي گھراني سان تعلق رکي ٿي ۽ ان جي پنھنجي تعلیم قطر ۽ لندن ۾ حاصل ڪئي آهي.
ووٽ جو سياسي حق
سنواريوھن ملڪ ۾ مردن وانگر عورتن کي بہ ووٽ ڏيڻ جو حق تسليم ڪيل آهي ء ان لاءِ عمر جو شرط مرد ۽ عورت جو ساڳيو آهي. اھو حق کين 1999 کان ڏنو ويو آهي.
روزگار جو حق
سنواريوعرب دنيا م مزدوري ۾ شرڪت جو حق قطر ۾ ٻين عرب ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏنل آھي. پر انھن جي مردن سان گڏ ڪم م شرڪت تمام محدود آھي ۽ عورتون ٻاھر نڪرڻ وقت مخصوص لباس پائنديون آھن جن ۾ ابايو شامل آهي.
حوالا
سنواريو- ↑ "Table 4: Gender Inequality Index". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 7 November 2014.
- ↑ "The Global Gender Gap Report 2018" (PDF). World Economic Forum. صفحا. 10–11.
- ↑ "World Report 2019: Qatar – Human Rights Watch". www.hrw.org. حاصل ڪيل 6 August 2019.
- ↑ "Qatar’s Challenge to Saudi Arabia: An alternative view of Wahhabism". academia.edu. حاصل ڪيل 29 December 2014.