ڪمپيوترائزڊ ڪمپاس (compass) جيڪو موبائل يا سيل فون ۾ پروگرام ٿيل آهي، اهو شايد هيٺ زمين جي اندر ڪم نه ڪري، ڇو جو ان جو آڌار ريڊيائي لهرن تي ٿئي ٿو، جيڪي ڏاڍي سولائي سان جبل يا پاڻي وغيره جهڙين رڪاوٽن سان رڪجي وڃن ٿيون. پر هڪ عام سادو روايتي ڪمپاس يا قطب نما حرڪت ڪندڙ ڪانٽي سان زمين جي گهرائي مان نڪرندڙ مقناطيسي لهرن تي آڌار رکي ٿو. هڪ عام سادو ڪمپاس زمين جي هيٺ ان ڪري ڪم ڪري ٿو جو ان جو مقناطيسي ڪانٽو يا سوئي، اُتر ۽ ڏکڻ قطبن مان نڪرندڙ مقناطيسي ميدان سان لاڳاپي ۾ اچي وڃي ٿي. هيءَ ڳالهه اوهان لاءِ شايد حيراني جهڙي هجي ته ڪئناڊا ۾ قطب نما يا ڪمپاس ڪم نٿو ڪري، ڇو جو ڪئناڊا اُتر قطب تي هئڻ سبب قطب نما جو ڪانٽو، اُتر قطب ڳولهي نه سگهڻ سبب منجهي پوي ٿو ۽ غلط ريڊنگ ڏيئي ٿو. [1]

ڪمپاس compass چڪرو ڇو هوندو آهي ۽ اهو ڪيئن ڪم ڪندو آهي ڪنھن بہ مقناطيس چقمق جا ٻہ قطب poles هوندا آهن

اُتر North ڏکڻ South زمين جي اندريون حصو ڪور Core ۾ موجود لوھ ڪارڻ اسانجي زمين هڪ وڏي مقناطیسي جي طرح آهي جنھن جي پنھنجي Magentic field چقمقي مقناطيسي ميدان آهي زمين جي جنھن خطي کي اسان جغرافيائي جي لحاظ سان اتر North چوندا

جتي آئيسلينڊ ۽ گرين لينڊ آهن اهو زمين جو مقناطیسي ڏکڻ South آهي ان طرح زمين جي جنھن خطي کي اسان جغرافيائي جي لحاظ کان ڏکڻ South چوندا آهيون جتي Antarctica موجود آهي اهو زمين جو مقناطیسي اتر North آهي ان لاءِ اسان ڪو بہ عام مقناطیس وٺي ڪري ڪنھن طرح ٽنگي ڇڏيو تہ ان مقناطیس اتر North قطب پول Pole زمين جي مقناطیسي جنوبي قطب pole جي طرف ڇڪندو attract ٿيندو يعني آئيسلين واري سمعت ۾ ۽ ان لاءِ ان مقناطیس کي جنوبي قطب pole زمين جي مقناطیسي شمالي قطب pole جي طرف attract ٿيندو يعني Antarctica جي سمعت ۾ تہ ان طرح اسان هڪ عام مقناطیس کي ڪنھن طرح ٽنگي ڪري سمعت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو Compass چڪر هڪ اهڙو گول ڊوائيس آهي جنھن ۾ هڪ مقناطیسی سوئي ڪجهه ان طرح مقرار ڪيو ويندو آهي تہ جيئن freely آزادي سان گھمي سگھي ۽ انجي ذريعي اسان سمعت جو اندازو لڳائي سگھون ٿا ڇوجو اهو ہمیشہ ڏکڻ ۽ اتر جي سمعت ۾ ئي اشارو ڪندي آهي.

حوالا سنواريو