قصور

پنجاب، پاڪستان ۾ شھر

قصور(انگريزي: Qasur) يا (انگريزي: Kasur) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو ھڪ شھر جيڪو لاھور جي ڏکڻ ۾ ڀارت جي سرحد ڀرسان واقع آهي. ھي شھر قصور ضلعي جو صدر مقام پڻ آهي.1525 ۾ پختون مھاجرن ھن شھر جو بنياد وڌو ھو. ھي شھر آبادي ۾ پاڪستان جو ويھون وڏو شھر آھي.[1] ھي شھر مشھور صوفي شاعر بابا بلي شاھ جي مزار جي ڪري مشھور آھي.

Kasur

قصُور

Qasur
شھر
صوفي شاعر بلي شاھ جي مزار جي تصوير
صوفي شاعر بلي شاھ جي مزار جي تصوير
Municipal Committee Kasur
Municipal Committee logo
Kasur is located in Pakistan
Kasur
Kasur
Kasur is located in Asia
Kasur
Kasur
جاگرافي بيهڪ: 31°7′0″N 74°27′0″E / 31.11667°N 74.45000°E / 31.11667; 74.45000
ملڪ  پاڪستان
صوبو پنجاب، پاڪستان
ضلعو قصور ضلعو
قيام پختونن جو خيشگي قبيلو
پکيڙ
 • ڪل 3,995 ڪ.م2 (1,542 ميل2)
بلندي 218 ميل (715 ft)
آبادي (2017)
 • ڪل 488,741

نالي جي معني

سنواريو

قصور جو لفظ عربي ٻوليءَ جو آھي جنھن جي معني جاء يا قلعو آھي .[2][3] ھندو روايتن مطابق قصور جو نالو رامائڻ واري ڪوشا جي نالي تان پيو [4] جيڪو رام ۽ سيتا جو پٽ ھو. تاريخ جو رڪارڊ ان ڏند ڪٿائي روايت کي رد ڪري ٿو ۽ ظاھر ڪري ٿو تہ ھن شھر جو بنياد لڳ ڀڳ 1525 ۾ ھاڻوڪي اتر اولھ پاڪستان ۽ افغانستان مان ھجرت ڪري آيل پختونن جي ڪيشگي قبيلي اتي قلعي بند وسندي قائم ڪري وڌو [5][6][7]

شھر جي تاريخ

سنواريو
 
ٽڪري جي چوٽي تي واقع شاھ ڪمال چشتي جي مزار

.

سنڌو ماٿري واري تھذيب ۾ قصور ھڪ زرعي علائقو ھيو جنھن ۾ ٻيلا پڻ واقع ھيا. 1525 ۾ محمد زئي پٺاڻن جي کيشگي قبيلي وارن ھتي لڏي اچي وسندي قائم ڪئي[7] بابر بادشاھ ھن علائقي ۾ کوڙ ننڍڙا قلعا ٺھرايا[6][8] ان دؤر ۾ پنجاب جا ماڻھو صوفي بزرگن جي ڪوششن سان مسلمان ٿي مذھبي اڪثريت ٿي چڪا ھئا. مغلن جي دؤر ۾ ھن شھر ترقي ڪئي ۽ زراعت ۽ صنعت ۾ نمايان ٿي ويو.ھڪي بلي شاھ جھڙو عظيم صوفي شاعر سترھين صديءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنھنجي شاعري سان ھن شھر کي مشھور ڪري ڇڏيائين.مغلن جي زوال بعد قصور احمد شاھ دراني جي قبضي۾ آيو سکن ٻہ دفعا دراني سامراج جي قبضي مان کسي پنھنجي قبضي ۾ آندو ھڪ دفعو 1747 ۾ جاسا سنگھ اھلواليا جي قيادت ۾ [9] ۽ ٻيو دفعو 1763 ۾ دراني جي افغانستان موٽي وڃڻ بعد.[10] 1807 ۾ رنجيت سنگھ جي سک ايمپائر ھن شھر تي قبضو ڪيو [11] برٽش انڊيا جي دؤر ۾ ھتي آبپاشي جا ڪئنال کوٽيا ويا جن سان قصور جي علائقي جون زمينون وڏي پيماني تي آباد ٿيون. 1908 ۾ ھتي ھندو مسلم سک فساد گوشت جي وڪري واري معاملي تي ڇڙي پيا [12] 12اپريل 1919 تي جليانوالا باغ واري قتل عام جي رد عمل م ھن شھر ۾ فساد ڇڙي پيو جنھن ۾ سرڪاري ملڪيتن کي ساڙيو ويو جن ۾ شھر جي ريلوي اسٽيشن بہ شامل ھئي..[13] جنھنڪري 16 اپريل 1919 ۾ مارشلا لڳائي وئي[14]

 
1947 ۾ قصور جي علائقي بالوڪي ۾ پناھ وٺندڙ ماڻهو

پاڪستان جي قيام بعد اقليتي ھندو ۽ سک ھتان لڏي ويا ۽ڀارت مان مسلمان ھتي اچي قصور ۾ آباد ٿيا.آزادي بعد قصور چمڙي جي تياري جو اھم مرڪز بڻجي وي ۽ چمڙي جي صنعت جو ٽيون حصو ھن شھر ۾ آھي [15] انڊيا جي فوج 9 سيپٽمبر 1965 ۾ قصور تي حملو ڪيو .[16] پر پاڪ فوج شھر جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو. ٻارن جي لاڳاتار ريپ ۽ قتل ٿيڻ بعد جنوري ۾ ھڪ ستن سالن جي ٻارڙي زينب جي ريپ ۽ قتل ٿيڻ جي ڪري شھر م پوليس انتظاميا جي خلاف فساد شروع ٿي پيو جنھن ۾ ٻہ شھري پڻ مارجي ويا [17][18] شھرين جي زبردست احتجاج پوري ملڪ مان احتجاجي تحريڪ کي جنم ڏنو ۽ حڪومت معاملي کي سنجيدگي سان وٺي جاج جي جديد طريقن جي استعمال سان زينب جي قاتل جي گرفتاري ڪرائي جنھن کي دھشتگردي جي عدالت موت جي سزا ٻڌائي چڪي آهي.

جاگرافي

سنواريو

قصور جي اتر ۾ لاھور ، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ پاڪ- ڀارت جي سرحد آھي . ھي شھر ان سرحد جي ويجھو واقع آهي. سرحد تي واگھا بارڊر وانگر گانڊا سنگھ والا بارڊر آھي جتي ٻنھي ملڪن جي جھنڊن لاھڻ ۽ چاڙھڻ جون تقريبون ٿينديون آهن.

اھم شخصيتون

سنواريو
  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files//tables/POPULATION%20SIZE%20AND%20GROWTH%20OF%20MAJOR%20CITIES.pdf
  2. Singh, Maya; Clark, Henry Martyn (1895) (en ۾). The Panjábí Dictionary. Munshi Gulab Singh & sons. https://books.google.com/books?id=YqoCAAAAMAAJ&printsec=frontcover&dq=inauthor:%22Maya+Singh%22&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwji3sKWw9nYAhVR22MKHeoeCYAQ6AEIJDAA#v=onepage&q=Kasur&f=false. 
  3. Chopra, Gulshan Lall (1940) (en ۾). Chiefs and Families of Note in the Punjab. Government Printing. https://books.google.com/books?id=EZifwYm8MT0C&dq=kasur+arabic+punjab&focus=searchwithinvolume&q=Kasar. 
  4. Nadiem, Ihsan N (2005). Punjab: land, history, people. Al-Faisal Nashran. p. 111. https://books.google.com/books?id=pyFuAAAAMAAJ&q=Kasur+Kusha&dq=Kasur+Kusha&ei=9rwgSritBZWQyASHk7maDw&pgis=1. Retrieved 2009-05-29. 
  5. Sikand, Yoginder (2011-07-19) (en ۾). Beyond The Border: An Indian in Pakistan. Penguin UK. ISBN 9789352141326. https://books.google.com/books?id=xoJICgAAQBAJ&pg=PT77&dq=kasur+arabic&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjj2I6qxtnYAhVHMGMKHXvKCSkQ6AEIOzAE#v=onepage&q=kasur%20arabic&f=false. 
  6. 6.0 6.1 Nadiem, Ihsan H. (2005) (en ۾). Punjab: land, history, people. al-Faisal Nashran. ISBN 9789695032831. https://books.google.com/books?id=pyFuAAAAMAAJ&q=kasur+pashtun&dq=kasur+pashtun&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiGrdvvydnYAhVN8mMKHVUdBpEQ6AEILzAC. 
  7. 7.0 7.1 Chopra, Gulshan Lall (1940) (en ۾). Chiefs and Families of Note in the Punjab. Government Printing. https://books.google.com/books?id=EZifwYm8MT0C&q=kasur+arabic+punjab&dq=kasur+arabic+punjab&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwib0pSy0tnYAhVR82MKHaNWBAA4ChDoAQg1MAQ. 
  8. Beyond The Border. https://books.google.com/books?id=xoJICgAAQBAJ&pg=PT77&dq=kasur+arabic&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjj2I6qxtnYAhVHMGMKHXvKCSkQ6AEIOzAE#v=onepage&q=kasur%20arabic&f=false. 
  9. Singha, Dr H. S. (2005) (en ۾). Sikh Studies. Hemkunt Press. ISBN 9788170102588. https://books.google.com/books?id=fa6B20l9AeQC&pg=PA34&dq=kasur+arabic+punjab&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjQ5vXF09nYAhUU8WMKHU-mAcc4ChDoAQg-MAY#v=onepage&q=kasur%20arabic%20punjab&f=false. 
  10. Lansford, Tom (2017-02-16) (en ۾). Afghanistan at War: From the 18th-Century Durrani Dynasty to the 21st Century. ABC-CLIO. ISBN 9781598847604. https://books.google.com/books?id=XxwIDgAAQBAJ&pg=PA21&dq=kasur+pashtun&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjowqugy9nYAhVRVWMKHQ2BCc4Q6AEISTAH#v=snippet&q=kasoor&f=false. 
  11. Lansford, Tom (2017-02-16) (en ۾). Afghanistan at War: From the 18th-Century Durrani Dynasty to the 21st Century. ABC-CLIO. ISBN 9781598847604. https://books.google.com/books?id=XxwIDgAAQBAJ&pg=PA21&dq=kasur+pashtun&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjowqugy9nYAhVRVWMKHQ2BCc4Q6AEISTAH#v=onepage&q=kasur%20pashtun&f=false. 
  12. Khawaja, Sarfraz (1985) (en ۾). Sikhs of the Punjab, 1900-1925: a study of confrontation & political mobilization. Modern Book Depot. https://books.google.com/books?id=LmduAAAAMAAJ&q=kasur+arabic+punjab&dq=kasur+arabic+punjab&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiwkoT7zdnYAhVmVWMKHcXpABo4ChDoAQgxMAM. 
  13. Chopra, Gulshan Lall (1940) (en ۾). Chiefs and Families of Note in the Punjab. Government Printing. https://books.google.com/books?id=EZifwYm8MT0C&dq=kasur+arabic+punjab&focus=searchwithinvolume&q=kasur. 
  14. (en ۾) Punjab Through the Ages. Sarup & Sons. 2007. ISBN 9788176257381. https://books.google.com/books?id=yERpZ6s156cC&pg=PA133&dq=kasur+punjab&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwinhY_k1NnYAhVT3GMKHbOoDMMQ6AEILTAC#v=onepage&q=kasur&f=false. 
  15. Heiden, Pete (2011-09-01) (en ۾). Pakistan. ABDO Publishing Company. ISBN 9781617878275. https://books.google.com/books?id=exl4AgAAQBAJ&pg=PA41&dq=kasur+pakistan&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjZ4JrJ19nYAhUR0mMKHR4yDs0Q6AEILDAC#v=onepage&q=kasur%20pakistan&f=false. 
  16. Nanda, K. K. (2013) (en ۾). War With No Gains. Prabhat Prakashan. ISBN 9788184302417. https://books.google.com/books?id=NL4wBQAAQBAJ&pg=PA109&dq=kasur+pakistan+-rape+-murder&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjZm6X22tnYAhUF_WMKHeokAswQ6AEIRjAH#v=onepage&q=Kasur&f=false. 
  17. "Zainab murder: Riots in Pakistan's Kasur after child rape and killing". BBC News. 10 January 2018. https://www.bbc.co.uk/news/world-asia-42637027. 
  18. "Pakistani anchor goes on air with daughter to protest minor's brutal rape and murder". The Times of India. 11 January 2018. https://timesofindia.indiatimes.com/india/pakistani-anchor-goes-on-air-with-daughter-after-minors-brutal-rape-and-murder/articleshow/62457078.cms.