قصر نماز(انگريزي: Salah Qasr ) سفر جي نماز آھي جيڪي مسافرن لاء آھي. مسافرن کي شريعت اھا سھولت ڏني آھي تہ ھو سفر ۾ نماز مختصر ڪري يعني چار رڪعتن مان ٻہ رڪعتون ڪري پڙھي[1]. قرآن فرمائي ٿو ته:

" ۽ جڏھن اوھان سفر جي لاءِ زمين ۾ نڪرو تہ نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناہ ڪونھي"

— سورة النساء- 101

پنھنجي آباديءَ کان نڪرڻ کان بعد مسافر لاءِ نماز قصر پڙھڻ واجب آهي جيڪڏھن پوري نماز پڙھندو تہ گنھگار ٿيندو[2]. حضرت عبدالله بن عمر بيان ڪيو ته:

" آء، نبي ﷺ، ابوبڪر رضه، عمر رضه، عثمان رضه سان سفر ۾ رھيو آھيان ۽ مون ڪڏھن نہ ڏٺو ته انھن ٻن رڪعتن کان وڌيڪَ فرض نماز پڙھي ھجي."

— بخاري- مسلم، [1]

جڏھن ڪو مسافر ڪنھن اھڙي جڳھ جو سفر ڪرڻ لاء نڪري جيڪو سندس گھر کان ٽن ڏينھن جي مفاصلي تي ھجي تہ ان تي قصر واجب آهي. حنفي فقه مطابق ٽن ڏينھن جو مفاصلو اٽڪل ڇٽيھ ميل[3] آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو وچٿري چال سان روزانو صبح کان زوال تائين ھلي تہ ھو ٽن ڏينھن ۾ 36 ميلن کان وڌيڪَ ھلي نہ سگھندو[1]. تنھنڪري ان فاصلي جي سفر ۾ پوء ڀلي سواري سان چند ڪلاڪن ۾ طئي ٿي پر قصر نماز پڙھي[1]. فاصلي تي فقيھن جي راء مختلف آھي.قصر نماز لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 9 ميل ۽ وڌ ۾ وڌ 48 ميل جو فاصلو مقرر ڪيو ويو آهي[4]. حنفي فقه مطابق مسافر جيستائين پنھنجي اصل وطن نہ پھچي باقاعده قصر ڪندو رھي[1]. پر 15 ڏينھن يا ان کا وڌيڪ قيام جو ارادو ھجي تہ اھا جاء ان جو وطن اقامت ٿي پوندي ۽ وطن اقامت ۾ پوري نماز پڙھبي آھي پوء ڀلي کڻي پندرهن ڏينھن کان اڳ ئي روانو ڇونه ٿئي[1]. سفر م فرض سان گڏ سنت بہ پڙھجي ان ڳالھ تي اختلاف آھن. نبي ﷺ جي عمل مان اھو ثابت آھي تہ پاڻ سفر ۾ فجر جي سنت ۽ عشاء جو وتر پڙھندا ھيا ۽ باقي وقتن جي نماز م صرف فرض پڙھندا ھيا ۽ سنتون پڙھڻ ثابت ناھن. باقي نفل نماز جو جتي موقعو ملندو ھيو پڙھي وٺندا ھيا ايستائين جو سواري تي ويھڻ واري حالت ۾ بہ پڙھندا ھيا[5]. عبدالله بن عمر ماڻھن کي فجر جي سنت کان سواءِ ٻيون سنتون پڙھڻ کان منع ڪيو آهي[5].جڏھن تہ عالم ترڪ ۽ فعل ٻنھي کي جائز قرار ڏين ٿا ۽ ان کي بندي جي اختيار تي ڇڏين ٿا[5]. حنفيه جي مذھب مطابق مسافر جڏھن رستو طئي ڪري تہ سنتون نہ پڙھڻ افضل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنھن جاء تي منزل ڪري تہ ۽ اطمينان حاصل ٿئي تہ پڙھڻ افضل آهي[5]. جنھن سفر م قصر ڪري سگھجي ٿو تہ ان لاء ابن عمر، ابن مسعود ۽ عطاء فتوا ڏئي اھو شرط لڳايو آھي تہ اھو سفر الله جي راھ ۾ ھجي جيئن جھاد، حج، عمرو، طلب علم وغيره[5]. امام شافعي ۽ امام احمد مطابق سفر اھڙي مقصد لاء ھجي جيڪو شرعن جائز ھجي ۽ اھڙو سفر جيڪو حرام ۽ ناجائز مقصد لاءِ ھجي ان ۾ قصر جائز ناھي[5]. حنفيه فقه مطابق قصر ھر سفر ۾ ڪري سگھجي ٿو ۽ جيستائين ان جي نوعيت جو سوال آهي تہ اھا خود ثواب يا عتاب جي مستحق ٿي سگھي ٿي ۽ قصر جي اجازت سان ان تي ڪوبه فرق نہ ٿو پئي[5]. امام شافعي مطابق سفر ۾ قصر ڪرڻ لازمي ناھي بلڪه اھا اجازت آهي پوء جيڪو چاھي فائدو وٺي يا پوري نماز پڙھي[5]. امام شافعي اھڙي طرح سفر ۾ قصر ڪرڻ کي افضل ۽ ترڪ قصر کي ترڪ اوله قرار ڏنو آهي[5]. امام احمد مطابق سفر ۾ قصر ڪرڻ واجب تہ ناھي پر ان کي ترڪ ڪرڻ مڪروہ آهي[5]. امام حنيفه مطابق قصر ڪرڻ واجب آهي ۽ ساڳي راء امام مالڪ جي پڻ آھي. حديث ۾ ثابت آھي تہ حضور ﷺ جن ھميشه سفر ۾ قصر ڪيو[5].

امن ۾ سفر

سنواريو

امن جي زماني ۾ سفر ۾ قصر اھو آھي تہ جن وقتن جي نماز ۾ چار رڪعتون فرض آھن ان ۾ ٻہ رڪعتون پڙھيون وڃن[5].

جنگ جي حالت ۾ سفر

سنواريو

حالت جنگ ۾ قصر جي ڪا بہ حد ڪانه آهي. جنگي حالتون جھڙي طرح بہ اجازت ڏين ان طرح نماز پڙھي ويندي[5]. جماعت جو موقعو ھجي تہ جماعت سان نہ تہ فردن فردن ئي سھي[5]. قبلي ڏي رک نہ ھجي تہ جاڏي بہ رخ ھجي،. سواري تي ويٺي ۽ ھلندي پڻ پڙھي سگھجي ٿي[5]. رڪوع ۽ سجدو ممڪن نہ ھجي تہ اشارو بہ ڪافي آھي. ضرورت پوڻ تي نماز جي حالت م گھمي بہ سگھجي ٿو. ڪپڙن تي رت لڳل ھجي تہ پوء بہ فرق نہ ٿو پوي[5]. انھن سڀني آسانين باوجود جيڪڏھن خطري واري حالت ۾ نماز نہ پڙھي سگھجي تہ ان کي مجبورن بعد ۾ پڙهي سگھجي ٿو جيئن جنگ خندق جي موقعي تي ڪيو ويو ھو[5].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 247- 248
  2. علم الفقه، جلد 2, صه 13, در مختار
  3. علم الفقه، جلد 2, صه , در مختار
  4. - رسائل و مسائل، مولانا ابوالاعلي مودودي، حصه اول، صه 167
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 5.11 5.12 5.13 5.14 5.15 5.16 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 388، 389,390