قرآن ۾ سوچ ويچار ڪرڻ جي اهميت

شاهه ولي الله قرآن مجيد جي سوچ ويچار سان مطالعو ڪرڻ کي هڪ لازمي سنت قرار ڏنو آهي. قرآن مجيد جي فارسي ترجمي ۽ ان جي حاشئي فتح الرحمان کي ان تدبر (سوچ ويچار) جو نتيجو سمجهڻ گهرجي. شاهه ولي الله کانپوءِ سندن پٽن شاهه عبدالعزيز ،شاهه عبدالقادر ،شاهه رفيع الدين، ٽنهين پنهنجي پيءُ جي پيروي ۾ قرآن شريف جي وڏي خدمت ڪئي. شاهه عبدالعزيز تفسير ”فتح العزيز“ لکي قرآن مجيد ۾ غور و فڪر ڪرڻ ۽ قرآن مجيد جي آيتن کي پنهنجي دور جي ماڻهن جي حالتن سان مطابق ڪرڻ جو هڪ تمام سٺو نمونو پيش ڪيو آهي. اڳتي هلي ولي اللهي جماعت مان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن جن به شاهه عبدالقادر جن جي ترجمي ”موضح القرآن“جي اهڙي طرح اصلاح ڪئي جو اردوءَ جي پراڻن ۽ نه استمال ٿيندڙ لفظن جي جاءِ تي عام رائج لفظ وڌا ۽ ان جو نالو”موضح الفرقان“ رکيو.

قرآن مجيد ۾ غور فڪر ڪرڻ لاءِ شاهه ولي الله جي ٻڌايل اصولن کي جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته پڌري پت ڄاڻ ملي ٿي ته شاهه ولي الله قرآن مجيد جي تعليم ۾ موجود اصناعي روح ۽ اجتماعيت کي عمل ۾ آڻڻ چاهين پيا. اها ڳالهه صحيح آهي ته شاهه ولي الله کليل نموني هڪ فرد جي ڀيٽ ۾ جماعت ۽ انفراديت جي مقابلي ۾ اجتماعيت کي ايترو وڌيڪ واضح نه ڪيو آهي.ان جو سبب هي هيو ته ان دور ۾ جيڪي ملڪي حالتون هيون اهي ان قسم جي فڪر پکيڙڻ ۽ ان جي ظاهر ظهور تائيد کي برداشت نه ڪري سگهن ها ڇوته اهو بادشاهن جو دور هيو ۽ بادشاهي (Imperialism) دور ۾ هڪ ڄڻو (بادشاهه) ئي طاقت جو سرچشمو هوندو آهي. پر ان سان گڏوگڏ شاهه صاحب جن قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جو اصلي مقصد غلط اجتماعيت جي جاءِ تي صالح ۽ سڌريل اجتماعيت کي پيدا ڪرڻ قرار ڏنو. ڇاڪاڻ ته قرآن مجيد اجتماعيت تي سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. [1]

حوالا سنواريو