قديم دور ۾ سنڌ مان سنڌوءَ جو وهڪرو
گذريل اڌ صديءَ جي سروي مطابق، سنڌو اڻٽيهه ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ۾ ستر ڊگريون ۽ پنجٽيهه فوٽ ڊگهائي ڦاڪ وٽ پنج ند جي سنگم کان پوءِ ڏکڻ اولهه رخ ۾ ٽي سو ميل يڪو (درياهي ماپ) وهي اچي ڇويهه ڊگريون ۽ ڇانوجاهه فوٽ ويڪرائي ۽ ستهٺ ڊگريون ۽ ٽيونجهاهه فوٽ ڊگهائي ڦاڪ جي ماڳ وٽ رسي ٿو. هن وڏي سفر جا ٻه سو پندرهن ميل سنڌ جي حدن اندر ڪري ٿو. مٿي بيان ڪيل آخري ماڳ وٽان سنڌو وري سر ڏکڻ جو رخ ڪري، انهيءَ ساڳئي رخ ۾ سٺ ميل کن وهي چويهه ڊگريون ۽ ويهه فوٽ ويڪرائي ۽ ستهٺ ڊگريون ۽ پنجونجاه فوٽ ڊگهائي ڦاڪ واري ٿاڪ وٽ اچي پهچي ٿو، جيڪو لڪي جي ٽڪرين جو اڀاريون پاسو ۽ ڀڳي ٺوڙهي جي چوٽيءَ جي سامهون آهي. هتي هڪ صدي کان وٺي الهندي ڏانهن سرڪڻ واري سفر سنڌوءَ کي آڻي جابلو علائقي ڪوهستان جي آخري حد تائين پهچايو آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ هي جابلو علائقو ڪجهه اڳتي نڪري آيو آهي، تنهنڪري سنڌو هڪ سو اسي ميل جو وڏو وڪڙ ڪري ٺٽي پهچي ٿو. سنڌوءَ ۾ اهڙي قسم جو ساڳو وڪڙ ڇوڙ واري علائقي ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ساڳو وڪڙ منجهس سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين رهندو اچي ٿو. اهڙيءَ ريت ڀڳي ٺوڙهي کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين سنڌوءَ جو هيءُ وڪڙ ٻه سو سٺ ميل ڊگهو آهي، جنهن جي شڪل ونگ يا ڪمان Arc جهڙي آهي. سامهون وارو پاسو هڪ سو سٺ ميل وچ واري گهرائي پنجاه ميل کن ٿيندي. ويچارڻ سان سنڌ مان سنڌوءَ جو وهڪرو انگريزي اکر “S” جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌوءَ جا پراڻا پيٽجيڪي سنڌوءَ جا سمنڊ تائين پراڻا وهڪرا آهن. سي به لڳ ڀڳ ائين نظر ايندا. سنڌوءَ جي وهڪري جي ناتي سان “S” اکر جو هيٺيون ڀاڱو وڌيڪ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو اوڀر ڏس تي ڪجهه وڌيڪ نڪتل آهي. ان زماني ۾ سنڌو موجوده وهڪري کان وڌيڪ اوڀر ڏانهن لڙيل هو. ڇاڪاڻ ته کيس روڪڻ لاءِ ايڏانهن ڪا ٽڪري وغيره ڪانه هئي ۽ نه وري ڪا ساڪري سان گڏيل پڪي ڌرتي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ موجوده وهڪري جي اولهه ۾ جابلو علائقو آهي، جنهن کان اڳتي هو سرڪي ئي ڪونه ٿو سگهي. هاڪڙي درياه جو وهڪرو به بلڪل ائين هو. اهو گم ٿيل درياه جڏهن بهاولپور واري ”ديروار“ وٽ پهچندو هو، ته سنڌوءَ جيان اولهه ڏکڻ وارو عام وهڪرو اختيار ڪندو هو. خيرپور وارين ٽڪرين تائين سندس رخ ساڳيو رهندو هو. ان کان پنجاه ميل سر ڏکڻ وهڻ شروع ڪندو هو. سندس اهو وهڪرو سيوهڻ (3) جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون واري ماڳ تائين رهندو هو. هتي پهچي سندس رخ هڪ سو ميل تائين ڏکڻ اوڀر ٿي ويندو هو. اتان کان پوءِ ڏکڻ اولهه وهڻ شروع ڪندو هو. ۽ ڪوري کاريءَ سان هڪ سو ويهه ميل سفرڪري، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڏسڻ ۾ ايندو ته هاڪڙو درياه به سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ انگريزي اکر ايس “S” جهڙي شڪل اختيار ڪري ويندو هو. سندس وڪڙ ووراڻا به بلڪل سنڌوءَ جي وڪڙن جهڙا ڏسڻ م ايندا. هاڪڙي جي وهڪري جي خاصيت به ظاهر ظهور نظر اچي رهي هئي. سندس عام وهڪري ۾ جيڪي وڪڙ آهن، تن جو ڪارڻ واريءَ جون ڀٽون آهن، پر سنڌوءَ جي وهڪري ۾ وڪڙن جو ظاهري سبب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. جيڪڏهن سنڌو، ڏکڻ اولهه وارو عام رخ اختيار ڪري ها، ته سندس منهن سڌو جوهيءَ ڏانهن هجي ها. جيڪو سيوهڻ کان چوويهه ميل اتر اولهه طرف واقع آهي. تنهن کان پوءِ ”ساڪري گڏيل پڪي مٽي“ ۽ ٽڪريون ڦيرو ڏياري ان کي اچي منڇر ڍنڍ ۾ ڇڏن ها، پوءَ اڙل وسيلي سيوهڻ جو اتر ڏئي دولت پور جو رخ ڪري ها ۽ اتان ڏکڻ طرف سمنڊ ڏانهن لم ڏيڻ بدران ڏکڻ اوڀر ڏانهن ڊوڙ ڪري ها. ويچارڻ گهرجي ته ستاويهه ڊگريون پور وڇوٽ گذرڻ کان هڪدم پوءِ درياه هڪ عام فطري، ڏکڻ-اولهه وارو رخ ڇڏي سر ڏکڻ ڇو وهي پيو؟ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ جي آمهون سامهون ائين هاڪڙي جي وهڪري جيان ٿيو. جڏهن ته هاڪڙي وارو وهڪرو هن کان گهڻو پري اوڀر طرف آهي. اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان مٿڀري آهي. درياه هميشه پيا پنهنجا پيٽ بدلائيندا آهن. ڪي درياه هڪ سو ميل جي فاصلي تائين ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي پيا ايندا ويندا آهن. انهن جون ڇاڙهون به ٻن ٽن ميلن کان ٻارهن ميلن تائين پيون ڦرنديون گهرنديون آهن. سندن وهڪري جي رخ کي گهڻو مٿان ڪپرن کائڻ ۽ پائڻ مان سمجهي وٺبو آهي، ته سندس آر ۽ جار ڪيڏانهن آهي. مٿي اسان اها ڳالهه سمجهائي آيا آهيون، ته هر دور ۾ درياه جو وهڪرو انگريزي اکر ايس “S” جهڙو رهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته قديم زماني کان وٺي هتان جي مقامي جاگرافي ڪجهه اهڙي رهي آهي، جنهن جو مثال پٽالا وارو قديم ماڳ پڻ آهي. ان ڪري اهو امڪان ئي نظر ڪونه ٿو اچي جو قديم زماني ۾ به موجوده دور جيان سنڌو، حيدرآباد وٽان لنگهندو هجي ۽ هيٺ وڃي گهاري ۽ سنڌ ساگر جي پيٽن مان وهندو هجي. جيڪڏهن پٽيالا حيدرآباد هجي ها، ته سڪندراعظم جي زماني ۾ سندس صفا اولاهيون منهن، ڇوڙ واري علائقي جي انتهائي اولاهين دنگ سان نه هجي ها، پر ان کان گهڻو اوڀر طرف هجي ها جهڙيءَ ريت هاڻي آهي.
جيتريقدر سنڌوءَ جو صدين کان الهندي پاسي سرڪڻ جو سوال آهي ته اهو به هروڀرو لڳاتار ڪونه رهيو آهي. جيڪڏهن اسان کي سندس موجوده وهڪري کان اوڀر طرف ڪيئي پراڻا پيٽ نظر اچن ٿا ته اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڇڏيل پيٽ هن جي الهندي طرف به آهن (4) ان جو وڏو مثال ”سنڌ-ڍورو“ آهي، جيڪو سرحد ڀرسان ڪشمور کان پنجاه ميل هيٺ ۽ موجود وهڪري کان پنج يا ست ميل وٿيرڪو ۽ ان سان گڏوگڏ هلندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ ريت ائين وسهڻ ته سڪندراعظم جنهن سنڌوءَ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، تنهن جو سڄو سارو وهڪرو موجوده وهڪري جي فقط اوڀر طرف کان وهندو هوندو، سو ممڪن ڪونه آهي. جيڪڏهن ڪير کڻي ائين سمجهندو ته ان جا مناسب ۽ معقول سبب آهن. اسن سندس جنگي مهمجا احوال پڙهيا آهن. ڪتابن ۾ ڏنل حوالا گهڻا ملن ٿا. پر اهي منجهيل آهن. جاگرافيائي صورتحال به تفصيل سان ڪونه ڏنو ويوآهي. انهنس ڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن سنڌوءَ ماٿريءَ جو نقشو تيار ڪبو، ته ممڪن ئي ڪونه ٿيندو. هڪ اهم حقيقت ٻي به آهي ته هنن سنڌ ماٿريءَ جي ٻئي گم ٿيل ويل درياه جو ڪو حوالو ئي ڪونه ڏنو آهي، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. توڙي جو سندن جنگي ڪاروايون هن درياه جي ڪنڌين ڪنارن سان به جاري هيون ۽ تنهن زماني ۾ مذڪوره درياه پنهنجي اوج تي هو. جيڪڏهن هن وهڪري جي ثابتي ڳولڻ جا جتن ڪبا، ته مائو سيڪئنس جي احوالن ۾ هن جا ڪجهه اهڃاڻ ملي ويندا. سڪندر اعظم کي ٻڌايو ويو هو ته هن بادشاه جو ملڪ سڄي هندستان (37) ۾ وڌيڪ سکيو ستابو ۽ ساهوڪار آهي“ (5) ۽ يونانين اهو ملڪ اکين سان وڃي ڏٺو هو. اهو علائقو اسان جي سڃاڻ موجب اروڙ جي اوسي پاسي ڪاٿي هو. مان هن خيال جو آهيان ته اهو علائقو اڃا به ڪجهه اتر طرف هو. موجوده بهاولپور علائقي جو ڏکڻ اولهه وارو سارو حصو ۽ سنڌوءَ جي اوڀر طرف وارو موجوده سنڌ جو گهڻو ڀاڱو ان علائقي ۾ شامل هو. هن علائقي جي اترئين ڀاڱي ۽ سرحد کان پنجٽيهه ميل اتر ”مائو“ نالي هڪ قديم ماڳ آهي.
ڪئت ناهي ته ان قديم شهر جو مائوسيڪئنس سان ڪو لاڳو هجي. هن (مائوسيڪئنس) لفظ جي پڇاڙي يوناني طرز جي آهي. جنهن جي اسان کي پوري پڪ آهي. اهڙي پڇاڙي اسان آسيڪئنس ۽ پورٽيڪئنس جي پڇاڙين ۾ به ڏسون ٿا، اهي سڀئي نالا هڪ ئي ماڻهوءَ جا آهن. پتو نه آهي ته غلطي الائي ائرين Ariuan ڪئي آهي يا ڊايو ڊورس Diodorus ڪئي آهي. انهن ٽنهي لفظن جي معنيٰ آهي قبيلي جو سردار يا مائوسيڪا، آسيڪا يا پروٽڪا جو ملڪ (6) لئسن Lassen جو بيان آهي ته ”مشيڪا“ هڪ قبيلي جو نالو آهي، جنهن جو وشنو پراڻو Vishnu Puran ۾ به ذڪر ملندو. ڪئت ناهي ته اهو قبيلو اچي سنڌوءَ جي ڪنڌين سان آباد ٿيو هجي. مائو ۽ مائوسيڪئنس جو پاڻ ۾ ناتو آهي يا نه، پر جيڪڏهن آهي ته ڪيترو آهي، تنهن جي اسان کي ڄاڻ ڪانه آهي. مگر ان کان وڌيڪ امڪان جوڳي حقيقت اها آهي ته بهاولپور وارو علائقو ارڙو جي جابلو خطي کان وڌيڪ زرخيز ۽ آباد آهي ۽ اروڙ واري ايراضي ته جبلن ۽ ڀٽن سان ڀري پئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته سڪندر اعظم جي دور اورو سر سبز ۽ شاهوڪار علائقو بهاولپور وارو هو. ڇاڪاڻ ته ان دور جي تاريخ ۾ هيءَ حقيقت موجود آهي، ته اهو سائو ڍائو علائقو ٻن وڏن درياهن جي وچ تي موجود هو. هن علائقي جي زمين اڄ به ڀلي آهي. پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ماڻهو ايڪڙ ٻيڪڙ رهن ٿا. پوکي راهي به ڇڊي پاڊي ٿئي ٿي. سنڌوءَ جي چاڙهه جو پاڻي هاڻي هن علائقي جا پاسا پٽ اچي پسائيندو آهي، جنهن سان پنج ند جو پاڻي پڻ اچي ملندو آهي. پر قديم زماني ۾ ائين ڪونه هو. پنجاب جي درياهن جو گهڻو پاڻي هن گم ٿيل ويل درياهه Lost river کي ڀرتي ڪندو هو. پوريءَ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مائو جو قديم شهر سنڌوءَ جي ڪٺار سان وسندڙ هو. ان کان ڏکڻ اولهه طرف ٽيهه ميل سِوِراءِ Seorae ۽ ان کان اٺٽيهه ميل هيٺ، سنڌ ۾ ماٿيلي جو شهر هوندو هو (7) اهي ٽئي شهر هڪ سِڌَ ۾ آهن ۽ انهن کان سنڌوءَ جو موجوده وهڪرو ٻارنهن کان پندرهن ميل پور وڇوٽ تي هلندو ڏسڻ ۾ ايندو.
جيڪڏهن سنڌو ٻاويهه صديون اڳي مائو ۽ ماٿيلي جي ماڳن ڀرسان وهندو هوندو، ته اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي، پر اهڙين ڳالهين کي ثابت ڪري ڪونه ٿو سگهجي. قوي امڪان اهو آهي ته اهو وهڪرو اروڙ وٽان گذرندو هوندو. نقشن جي مطالعي مان به اسان کي ائين معلوم ٿئي ٿو. ڪن نقشن مان اسان کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته تڪرين ۾ موجود وِٿيون ايتريون ڪشاديون ڪونه آهن، جو سنڌو جي سڄي وهڪري جو پاڻي اتان گزري سگهي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته درياهه اروڙ جي ويڪرائي ڦاڪ وٽ پهچي، هڪ کان وڌيڪ ڇاڙهن ۾ ورهائجي ڪيترين ئي ٽڪرين جي وٿين مان گذرندو هوندو. روڙ واري وٿي، سنڌوءَ جي وڏي وهڪري جي ڀيٽ ۾ تمام سوڙهي ڏسجي ٿي. سنڌ جي پراڻي راڄڌاني ڀرسان ته پاڻيءَ جو اهو لنگهه اڻويهه سو فوٽ مس ٿيندو.
پر وهڪري جو گهڻو دادومدار اونهائي تي به هوندو آهي. پيل لٽ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو لنگهه تانگهو آهي، ته پوءِ اعتراض لاءِ مناسب جواب ٺهي ڪونه ٿو سگهي. پر جيڪڏهن ٽڪرين جو ترو لٽ واري مٿاڇري کان گهڻو هيٺ آهي، ته پوءِ سنڌوءَ جو موجوده پاڻي کان گهٽ وهڪرو هتان گذري سگهي ٿو. سڪندر جي دور جا مورخ اهو ڪونه ٿا ٻڌائن ته پٽالا کان مٿان سنڌو ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو هو ۽ اهو موضوع زير بحث به ڪونه آهي. اهڙي ساڳي ماٺ اسان جاگرافي سان لاڳاپيل اهم نڪتن لاءِ پڻ ڏسون ٿا. ۽ نه وري پوئين دور مان لاڳاپيل اهرآ واقعا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان هيءَ حقيقت ثابت ڪري سگهجي ته سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو اروڙ واري وٿيءَ مان گذرندو هو. چيو وڃي ٿو ۽ امڪان به اهو آهي ته سنڌو مان هڪ ڇاڙهه الهندي طرف ڦٽندي هئي. ان جو نه رڳو امڪان آهي، پر حقيقت به آهي ته سنڌوءَجي اها اولاهين ڇاڙهه برابر وهندي هئي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندس ذڪر نه قديم تاريخ ۾ ملي ٿو. ۽ نه پوئين دور جي ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو ڪو احوال ڏنل آهي. اها ناممڪن ڳالهه ته ڪانه آهي. اڄ انهيءَ اولاهين ڇاڙهه کي ڏسي سگهجي ٿو. جيڪا ”الهندي ناري“ جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ تمام قديم ڇاڙهه آهي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره ننڍو وهڪرو اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ به موجود هو. اها ننڍي ڇاڙهه روهڙيءَ کان پنجيتاليهه ميل ڏکڻ اولهه کان درياه مان ڇڄندي هئي. اتر سنڌ جي هن علائقي ۾ سنڌو اولهه ڪناري سان گذريل ٽيهن سالن کان گهڻي کاڌ ڪندو رهيو آهي. پنجٽيهه سال اڳ جڏهن لاڙڪاڻي واري علائقي جي سروي ڪئي وئي هئي، ته الهندي ناري جو منهن روهڙي کان اٺاويهه ميل پري اولهه ڏکڻ طرف هو. قديم دور ۾ سندس منهن اڃا به وڌيڪ اتر طرف هوندو. ٿي سگهي ٿو تها هو ڪنهن زماني ۾ اروڙ کان مٿان هو، ته پوءِ اهو ڪنهن زماني ۾ اتان وهندو هوندو، جتان هاڻي روهڙيءَ ڀرسان سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو مٿي رهيو آهي. ان کان پوءِ ٿورا ميل ڏکڻ، پوءِ اوڀر ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي علائقي جو رخ ڪندو هو. امڪان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سڪندر جي زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو اروڙ وٽان مٽيندو هو ۽ اروڙ کان مٿان منجهائنس هڪ ڇاڙهه ڇڄندي هئي، جيڪا روهڙي ۽ بکر جو وچ ڏئي، اولهه ڏس تي وهندي هئي. ان ڇاڙهه جي پيٽ مان هاڻي سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو وهندو آهي. هن ڇاڙهه جي قدامت جو وڏو ثبوت سيوهڻ جو پراڻو شهر آهي، جيڪو سندس ڪنڌيءَ سان آباد هو. سڀئي تبصري نگار هن ڳالهه تي متفق آهن، ته سنديمان Sindeionan جو شهر سيوهڻ آهي، جڏهن هن شهر کي سڪندر فتح ڪيو هو ته ان وقت به تمام پراڻو هو. هاڻي اسان کي پڪ ٿي وئي ته سنڌو قديم زماني کان وٺي سيوهڻ جو اوڀاريون پاسو ڏئي پئي وڙهو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جا مختلف پراڻا پيت هن شهر کان ڏهه ميل، ويهه ميل ۽ ٽيهه ميل پري ڏسڻ اچن ٿا. ان زماني ۾ جڏهند رياه هن شهر کان ايترو پري هو ۽ هيءُ شهر هڪ سکئي ستابي علائقي جو صدر مقام به هو، ته ان حالت ۾ شهر جا ماڻهو پنهنجي استعمال واسطي پاڻي ڪٿان آڻيندا هوندا؟ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان علائقي جي آبادي ۽ خوشحالي ڪيئن ٿي هئي، جنهن جي ”ڪيترن شهر سڪندر جي آڏو آڻ مڃي هئي“ (8) جڏهن ته ان دور ۾ سنڌوءَ جو امڪاني وهڪرو هن علائقي کان گهڻو پري اوڀر کان وهندو هو. هنن سڀني سوالن جو صحيح جواب اهو آهي، ته ان زماني ۾ الهندو نارو وهندو هو. هن وهڪري بابت سڪندر جي مورخن ته هڪ حرف به ڪونه لکيو آهي، تنهن ڪري اسان اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته ان دور ۾ سنڌو سنڊيمان جي ڀرسان وهندو هوندو. هنن حقيقتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سڪندر، راجا سانبس جي ملڪ ۾ خشڪيءَ رستي ڏکڻ ڏانهن پيش قدمي ڪري، اچي داخل ٿيو ۽ سندس راڄڌانيءَ جو نالو سنڊيمان هو. قلعي جا دروازا کولي سڪندر جي آڻ مڃي وئي هئي. هتي پهچندي کيس مائو سيڪئنس جي بغاوت جي ڄاڻ پئي. تنهن ڪري موٽي کيس وري اتر طرف وڃڻو پيو. هو بغاوت کي چڱيءَ پر منهن ڏئي، وري ڏکڻ هڪ شهر ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو درياه جي ڪناري سان واقع هو ۽ راجا سامبس جي حڪمرانيءَ جي حدن اندر هو، پر سنڊيمان نه هو. هن شهر وارن پهريائين، سڪندر جي آڻ مڃي هئي، پر پوءِ بغاوت ڪئي هئائون، امڪان آهي ته اهو شهر سنڊيمان کان اوڀر يا ڏکڻ اوڀر طرف ۽ هن علائقي کان سواءِ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ هو، پر سامبس جي ملڪ جي حدن اندر هوندو. سڪندر اتان کان گذري هڪ نهايت مضبوط قلعو فتح ڪري، پوءِ سنڊيمان پهتو هو. مذڪوره قلعو يونانين سرنگهون هڻي کٽيو هو ۽ اهو ثابت ڪيو هئائون ته کين ڪابه طاقت روڪي ڪانه ٿي سگهي. قوي امڪان اهو آهي ۽ ائرين جو بيان به ڪجهه ائين آهي، ته سڪندر اهو مضبوط قلعو سنڊيمان جي آڻ مڃڻ کان پوءِ سرنگهون هڻي فتحڪيو. قلعي اندر رهندڙ فوج تمام ڪمزور هئي، سڪندر سان پنهنجو ٿورو لشڪر گڏ هو. هن جي قتل عام جي ڪري ايترو ڊڄي ويا هئا، جو سندس لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي نڪري هليا ويا. هنن حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو تها هو شهر سنڊيمان کان پري هو، ٻيو ته ان جي اتر ڏس ۾ ڪونه هو.
سامبس جي ملڪ ۽ پٽالا جي وچ تي موجود سنڌوءَ جي وهڪري جو احوال سڪندر جي مورخن ڪونه ڏنو آهي، تنهنڪري مان تکو تکو اڳتي نڪري ٿو وڃان ته جيئن ڏسون ته پوئين دور جي مصنفن هن موضوع تي ڇا لکيو آهي. اسان کي سنڌوءَ بابت تاريخي حوالا هڪ هزار جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ ملن ٿا. سڪندر جي زماني ۾ سنڌ جي لار واري علائقي ۾ قبائلي راڄ جو طريقو موجود هو. جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي هڪ حڪمران جي بادشاهي هئي. ان دور ۾ سنڌ جون حدون موجوده سنڌ جي حدن جيتريون هيون، ڪن اڻ چٽين تاريخي حقيقتن تي جيڪڏهن ويساه ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جون اتريون سرحدون ڪشمير سان ملنديون هيون. ”تاريخ هندو سند“، جنهن جا گهڻا حوالا هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، ان جو ليکڪ، هن ملڪ کي هندو سنڌ سڏي ٿو. چيو ويندو آهي ته هن ملڪ جي راڄڌاني النور هڪ وڏو شهر هو ۽ درياه جي ڪناري تي آباد هو، جنهن کي سيحون محران سڏيو ويندو هو. هيءَ تاريخ، سنڌ جو ذڪر ستين صدي عيسويءَ جي اڳياڙيءَ کان وٺي شروع ڪري ٿي، جنهن زماني ۾ راءِ سهرس پٽ راءِ سهراسي سنڌ جو حڪمران هو. هن معرفت اسان کي اٽڪل 632 جي ٿوري گهڻي معلومات به ملي ٿي، جنهن مان اسان کي راجڌانيءَ جي هيٺئين پاسي درياه جي وهڪري جو اڻ سڌو اشارو ملي ٿو. ان زماني چچ نالي هڪ برهمڻ سنڌ جو حڪمران هو. هو پنهنجي راجڌاني مان نڪري درياه جي ساڄي طرف موجود ٻڌيه علائقي ڏانهن لشڪر سميت پيش قدمي ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ تها تان جي حڪمران هن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. هن سمن ۽ الور جي دنگ تي هڪ ماڳ داهيات Dahiayat وٽان درياه اڪريو هو. هن قسم جي نالي مان ”دهات“ نالي هڪ ماڳ جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. جيڪو ڪنڊياري پرڳڻي جي اتر ۾ ۽ سمن جي علائقي ۾ موجود آهي. هن ماڳ کان هيٺ ۽ مٿي درياه جو پراڻو پيٽ چٽو بيٺو آهي، جيڪو اتر کان ڏکڻ ويندو ڏسجي ٿو ۽ اسان کي هتي 632ع واري درياه جا واضح نشان ملي وڃن ٿا. مذڪوره ماڳ اروڙ کان سٺ ميل کن هيٺ ٿيندو. چوٽيهه سال کن اڳ اسان هن علائقي جي سروي ڪئي هئي ۽ پتو پيو ته موجوده وهڪرو ان پراڻي پيٽ کان سترهن ميل پري آهي. يعني ٻارهن سو اٺاويهن سالن ۾ مذڪوره فاصلو طئي ڪري سگهيو آهي، ته ان ليکي سان سندس اولهه ڏانهن سرڪڻ جي رفتار ٽيوهه گز في سال آهي، جيڪا پنجهتر سال في ميل بيهي ٿي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ٻارنهن صدين ۾ درياه ۾ اولهه ڏانهن ڪا تڪڙي تبديلي ڪانه آئي آهي ۽ سرڪڻجي سندس رفتار ڏاڍي سست رهي آهي ۽ اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان عرصي دوران اهڙي ڪا وڏي اٿل به ڪانه آئي ٿي ڀانئجي ۽ نه وري اهڙو ڪو ڏاڍو ڌرتيءَ جو ڌوڏئي آيو آهي، جنهن کان متاثر ٿي درياهه تڪڙو اولهه ڏانهن هليو ويو هجي ۽ نه وري درياه اوڀر پاسي ئي وهڪرو مٽايو آهي. پر زير بحث دور ۾ درياه جي صفا اترئين ڀاڱي ۾ وڏيون تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌ جي قديم راڄڌاني اروڙ به ان ڪري تباه ٿي وئي، جو درياه ان کي ڇڏي ساڍا چار ميل اولهه هليو ويو. اهڙن اهم واقعن ڪري ڪي قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي وينديون آهن. اهڙيءَ ريت هن ڏکوئيندڙ وارتا تي به دلوراءِ ۽ سيف الملوڪ جو قصو ٺاهيو ويو ۽ اها به ڪرامت گهڙي ڏيکاري وئي ته درياه روهڙيءَ ڀرسان ٽڪريون چيري وهي نڪتو هو. ساڳئي واقعي تي ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ East wick اهڙو قصو، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي شاخ جي جنرل ۾ ڇپرايو هو، جيڪو جلد – I ص 203 تي ڏسي سگهجي ٿو. سندس مقالي جو عنوان ”ڊراءِ ليوز“ آهي. هن صاحب اهو سمجهيو هو ته هن خواجه خضر واري آستان تي ٺهيل مسجد ۾ لڳل ڪتبي مان، درياه جي رخ ڦيرائڻ جي تاريخ معلوم ڪري ورتي آهي. ڪتبي تي لکيل تاريخ قبول ڪجي ته واقعي قديم دور سان واسطو رکي ٿي. مسلمان فن سان لڳاپيل هيءَ لکت هندستان ۾ تمام قديم آهي، جيڪا 341ھ يا 952ع جو سنه ڏيکاري ٿي. پر ڳالهه اها آهي ته جيڪا هن لکت جي معنيٰ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪڍي آهي، سا برابر ڪانه آهي. هن صاحب بيت جي مٿئين اڌ جو ترجمو هن ريت ڪيو آهي:
جهن هيءَ درگاه تعمير ڪئي وئي، معلوم هجڻ گهرجي ته خواجه خضر جي پاڻي اچي ان جي چوڌاري گهيرو ڪيو. هن لکت مان ملندڙ تاريخ کي ايسٽ وڪ صاحب، درياه جي تبديلي جي تاريخ سمجهي ورتي. فارسيءَ جي منهنجي هڪ عالم دوست مذڪوره بيت جي معنيٰ هن ريت ڪئي آهي:
”جڏهن هيءَ درگاهه عالي تيارڪئي وئي. جنهن کي خضر جو پاڻي هميشه گهيرو ڪيو بيٺو هوندو آهي“ اهڙيءَ ريت اسان کي هن لکت مان هيءَ ثابت ملي ٿي ته سنڌوءَ يا ان جي ڇاڙهه جو پاڻي 341ھ يا 952عڌاران بکر وٽان گذرندو هو. اهووهڪرو ان وقت کان ڪيترو اڳي ان جاءِ تان مٽيندو هو، تنهن حقيقت حال جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. جيڪڏهن مذڪوره ڪتبي جي لکت ”خضر جي پاڻي“ جو اشارو سنڌوءَ جي مکيه وهڪري ڏانهن آهي ته اهو 341ھ يا 952ع کان ڏهاڪو سال کن اڳ هن ماڳ وٽان وهڻ شروع ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته عرب جاگرافيدان اصطخري ۽ ابن حوقل ان ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ موجود هئا ۽ ٻنهي جا پنهنجن ڪتابن ۾ بيان آهن. هونقشن ۾ به ڏيکارين ٿا ته سنڌو تنهن زماني ۾ اروڙ ڀرسان لنگهندو هو. بکر جو ٻنهي ذڪر ڪونه ڪيو آهي، سر ايڇ اليٽ پنهنجي پهرئين جلد ۾ انهن تاريخن جا ٽڪرا ترجما ڪري اقتباس طورڏنا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”اروڙ ڀرسان مهراڻ وهندو هو“ جيڪڏهن درياه هن شهر کان چار ميل به پري وهندو هوندو، ته به سندس بيان سچو آهي. ڇاڪاڻ ته درياه جو چار ميل کان شهر کان پري وهڻ به ويجهو سمجهيو ويندو آهي. پر هتي ”ويجهو“ جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اروڙ مهراڻ جي ڪناري تي آباد هو. ادريسيءَ به انهن ئي مصنفن وٽان معلومات حاصل ڪئي هوندي. تنهن جو بيان آهي ته ”اروڙ مهراڻ جي ڪناري تي وسندڙ هو، جيڪو سندس اولهه پاسي کان وهندو هو“. اهڙيءَ ريت سڀني شاهدين ۽ ثابتين تي غور ڪري هن نتيجي تي پهچي ٿو ته درياه اروڙ ڇڏي بکر وارو پاسو 950ع ڌاران ورتو هوندو، يا ان کان هڪ يا ٻه سال اڳ. ان تبديليءَ جو سبب ڇا هيو؟ تنهن لاءِ ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. منهنجو انومان آهي ته درياه جي ڪا ڇاڙهه بکر ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين وچان اڳ ۾ ئي وهندي هئي- ڀ ۽ ڪنهن وڏيءَ اٿل جي موقعي تي مکيه وهڪري به اروڙ کي ڇڏي ايڏانهن جو رخ ڪيو هجي.
جيتريقدر اتر سنڌجي هيٺئينن ڀاڱي ۾ درياه جي وهڪري جو تعلق آهي، ته ڪنڊياري ۽ نوشهري جي اوڀر طرف هن درياه جا ڪيترائي قديم وهڪا نظر اچن ٿا، جيڪي خيرپور جي وارياسي علائقي مان ايندا ڏسبا آهن. انهن سڀني پراڻن پيٽن جو رخ سر ڏکڻ آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهي وهڪرا جڏهن ستاويهن ڊگرين جي برابر اچن ٿا، ته ڏکڻ اوڀر ڏانهن رخ ڪن ٿا. يعني جڏهنس يوهڻ جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون اچن ٿا، ته انهن وهڪرن جو ڏکڻ اوڀر ڏانهن لاڙو وڌيڪ چٽو ٿي وڃي ٿو. سڪرنڊ جي اوسي پاسي وارو سارو علائقو اهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي درياه جا پراڻا پيٽ جاڏي ڪاڏي ويندا پيا ڏسڻ ۾ ايندا ۽ ڌرتي جو مٿاڇرو درياه جي پراڻن يٽن سان چچريل پيو ڏسبو. اتي ماڻهو پهچي وائڙو ٿيو وڃي ۽ سمجهي ڪونه ٿو سگهي ته ڪهڙو وهڪرو ڪهڙي دور ۾ وهندو هوندو! ان ماڳ کان ڏکڻ اوڀر طرف لوهاڻو وهڪرو ڪيترن ميلن تائين وڌيڪ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عرب جاگرافيدانن جي ڪتابن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ان پيٽ مان وهندو هو. ان کان بعد ڏهين صديءَ جي جاگرافيدانن جي تنصيفن مان پتو پوي ٿو ته ان صديءَ جي وچ ڌاران به سنڌوءَ جو پاڻي ان پيٽ مان وهي رهيو هو. قوي امڪان اهو آهي ته ان وهڪري جي سڪي وڃڻ ڪري منصوره تباه ٿي ويو هوندو. مذڪوره وهڪري توڙي جو ڇهه يا ست ميل هن شهر کان پري وهندو هو. پر سندس دارومدار هن وهڪري جي پاڻيءَ تي هو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان وهڪري جيسُڪي وڃڻ جو واقعو تيرهن صدي عيسوي جي پڇاڙي يا چوڏهين صدي جي اڳياڙي ۾ ٿيو. امڪان اهو آهي ته ”منصوره تباه رڳو درياهي ڇاڙهه جي سڪي وڃڻ ڪري ٿي هئي ۽ مذڪوره ڇاڙهه به ان ڪري سڪي وئي هئي جو مکيه وهڪرو پنهنجو ماڳ مٽائي اولهه پاسي هليو ويو.“
درياه جي هن ڇاڙهه جو عرب جاگرافيدانن به ذڪر ڪيو آهي، جيڪا سڪرنڊ کان ڏهه ميل اوڀر ڪلري جي ماڳ وٽان مکيه وهڪري مان ڇڄندي هئي ۽ منصوره جو اوڀر پاسو ڏئي، ڏهه ميل ڏکڻ اولهه وهي، لوهاڻي سان وڃي ملندي هئي. ان ڇاڙهه جي ڪل ڊيگهه پنجاهه ميل کن هئي. هيءَ اڪيلي درياهي ڇاڙهه آهي، جنهن جو عرب جاگرافيدانن ذڪر ڪيو آهي. هنن پنهنجن نقشن ۾ سنڌو درياه کي سِڌو ليڪو ڏئي ڏيکاريو آهي. جڏهن ته هڪ ننڍيءَ ليڪ جو اڌ گول جهڙو دائرو ڪڍي ٻنهي پاسن کان وڏيءَ ليڪ سان ملائي، ان ڇاڙهه جي نشان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀرسان هڪڙي ٻي به ڇاڙهه هوندي هئي. چچ نامي ۾ سندس نالو ”جلوالي“ ڄاڻايل آهي ۽ ان ۾ لکيل آهي ته اها ڇاڙهه برهمڻ آباد شهر جي ڀرسان اوڀر کان وهندي هئي. مذڪوره ننڍڙو وهڪرو سنڌوءَ مان وهندو هو يا هاڪڙي مان، تنهن لاءِ ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي (44) منصوره ڀرسان وهندڙ ڇاڙهه کي عرب جاگرافيدانن ڪوبه نالو ڪونه ڏنو آهي. امڪان آهي ته ان جو نالو جلوالي هجي. جلوالي، جرواريءَ جي پراڻي شڪل صورت آهي. خدا نه ڀلائي ته مان هڪ ڏيهي تاريخ ۾ ”جرواريءَ واه“ جو نالو پڙهيو آهي، جيڪو هن جوءِ ۾ هوندو هو، موجوده دور ۾ به جڏهن پاڻي ۾ چاڙهه ايندو آهي، ته اهو واه وهڻ لڳندو آهي. ٻيو منصروه جي ٿرڙ ڀرسان ڄراڙيءَ نالي هڪ ڳوٺ به آباد آهي. منصوره جي ماڳن کان ٽي يا چار ميل ڏکڻ طرف، اسان ان وهڪري جي اترئين ڀاڱي تي اچي بيهنداسين، جيڪو اتان ڏکڻ – اوڀر طرف رخ ڪري ٿو. هن صورتحال مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ماڳ ڪڏهن قديم ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو، هو. مذڪوره ٿاڪ سمنڊ واري پاسي کان هڪ سو پنجاهه ميل پري ۽ سمنڊجي سطح کان ٻياسي فوٽ مٿي آهي (9) مذڪوره ماڳ ان هنڌ کان پنجاهه ميل کن اتر آهي، جهن کي آءُ ”پٽالا“ ڏانهن منسوب ڪريان ٿو، جيڪو سڪندر جي دور ۾ ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو هو. منصوره ۽ ٺٽي جي ويڪرائي ڦاڪ جي وچ تي اسي يا نوي ميلن جي اندر، ان دور جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي سري کي جاچڻ جي جاکوڙ ڪئي وڃي. نقشن ۾ يا ڌرتيءَ تي ان سري کي ڳولڻ جا جتن ڪيا ويندا، ته اميد آهي ته اهو ماڳ ملي پوندو. نيل درياه جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو ٻه هزار سال اڳ (10) ميمفس Memphis وٽ هو، جيڪو هاڻي قاهره کان هيٺ بطن البقره Batun-Al-Baqara وٽ موجود آهي. معلوم ٿئي ٿو ته ڌرتي ايتري عرصي دوران فقط ساڍا سترهن ميل سمنڊ ڏي سرڪي آهي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪندي جو سرو سمنڊ ڏانهن تمام تيزيءَ سان وڌيو آهي ۽ اها هڪ خاص ڳالهه محسوس ٿئي ٿي. نه ته عام طور تي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو سمنڊ ڏانهن تمام تيزيءَ سان وڌيو آهي ۽ اها هڪ خاص ڳالهه محسوس ٿئي ٿي. نه ته عام طور تي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار نيل جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ۽ لاڙ واري علائقي جي پاڻي جي مطالعي مان به پتو پوي ٿو ته ڇوڙ واري تڪندي کي جوڙيندڙ وهڪرا سڪي ويا آهن. اڳئين صديءَ جي وچ ڌاران لاڙ جي علائقي اندر سنڌوءَ جي وهڪري ۾ تمام وڏي تبديلي آئي. ان کان سواءِ درياه اولهه پاسي ڏانهن سرڪڻ ۽ کاڌ ڪري درياه جو وهڪرو وڌيڪ سڌو ٿي ويو. اها هڪ فطري ڳالهه آهي، ته درياه هڪ خاص ماڳ ۽ وڪڙ وٽان ڇاڙهه ڇڏيندو آهي ۽ ڇاڙهن يا ڦاٽن کي نظر ۾ رکي، ڇوڙ جي ٽڪنڊي جي سري جو تعين ڪيو ويندو آهي. جيتريقدر سنڌوءَ جو تعلق آهي ته ان جي هيٺئين ڀاڱي جي وهڪري ۾ ڪو خاص وڪڙ ڪونه آهي، تنهنڪري ڇوڙ واري وڏي ڇاڙهه اسان کي ڏسڻ ڪانه ايندي. تنهنڪري هاڻي اهو چئي ڪونه ٿو سگهجي ته سنڌوءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ به ڪي ڇوڙ آهن. هن درياه جا هاڻي فقط ٻه ڦاٽ ساتا Sata ۽ اوچتو Ocho آهن، جيڪي سمنڊ ۽ ٺٽي جي وچ تي درياه کان ڌار ٿيندا آهن. انهن مان ساتا، سترهن ارڙهن سال ٿيندا ته سڪي ويو. ان جو سبب اهو هو ته اوچتي جي منهن کي کاٽي ڪرائي موڪرو ڪرايو ويو هو ۽ نتيجي ۾ درياه جو سارو پاڻي ان منجهان گذرڻ لڳو هو. ڇوڙ وارو هيءُ ٽڪنڊو تمام ننڍڙو هو، جنهن جو تري وارو پاسو پندرهن يا سورهن ميل ۽ ڊگهائي ٽيهه ميل کن هئي. هي حالتون تيستائين ڪونه بدلبيون، جيستائين سنڌو ڪنهن به فطري سبب کان لاڙ وارو پنهنجو موجوده وهڪرو بدلائي، اوڀر ڏانهنس رڪي وڃي ۽ هڪڙي ڦاٽ ڏکڻ – اولهه ڏانهن ڇڏي ۽ ٻيو ڪڇ جي رڻڏانهن موڪلي ته پوءِ سچو پچو سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو ٽڪنڊو بڻجي پوندو. سنڌوءَ جي وهڪري جي ماضيءَ جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته اهڙيون فطري حالتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن، پر ٿينديون ضرور آهن.
ذريعا
سنواريوھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |