قبلو

اھو طرف جنھن ڏانھن نماز واري عبادت ڪرڻ وقت ڪنھن مسلمان جو ھجڻ گھرجي

}

ڪعبو
ٱلْكَعْبَة

The Kaaba surrounded by pilgrims
عام معلومات
مڪانيت مسجدالحرام,
مڪو, حجاز, سعودي عرب
مڪانيت 21°25′21.0″N 39°49′34.2″E / 21.422500°N 39.826167°E / 21.422500; 39.826167مڪانيت: 21°25′21.0″N 39°49′34.2″E / 21.422500°N 39.826167°E / 21.422500; 39.826167

عرفِ عام ۾ قبلي مان مراد خانہ ڪعبو آھي جيڪو مسجد الحرام، مڪو، سعودي عرب ۾ واقع آھي ۽ مسلمان ان جي طرف رخ ڪري نماز پڙھندا آھن۔ ان کان علاوه احتراماً بہ ڪنھن شخص کي قبلو يا قبلو و ڪعبو چيو ويندو آھي۔

مسجد اقصي بيت المقدس اسلام ۾ ھڪ مديني ڏانهن هجرت واري دؤر ۾ مسلمانن جو قبلو تبديل ٿيو ۽ آھي ڪعبي جي بدران بيت المقدس ڏانھن رخ ڪري نماز پڙھندا ھيا جيڪو مديني م رھندڙ يھودين جو به مقدس مقام ھيو. سن ٻہ ھجري ۾ رجب يا شعبان جي مھيني ۾ حضرت محمد صہ بشر بن براء بن معرور جي دعوت تي ويل ھو جتي ظھر جو وقت ھيو تہ پيغمبر صه نماز پڙھائڻ شروع ڪئي ۽ ٻہ رڪعتون فرض پڙھائي چڪو ھو ته ٽين رڪعت دوران سورة البقرة جي144 نازل ٿي جنھن ۾ قبلو تبديل ڪرڻ جو حڪم مليو ۽ نماز دوران ئي قبول بيت المقدس کان وري ڪعبي طرف تبديل ڪري نماز مڪمل ڪئي وئي. تفھيم القرآن مٿئين آيت جي تفسير ۾ ٻڌائي ٿو ته مٿئين واقعي جي روايت ابن سعد ڪئي آهي. مولانا مودودي مطابق بيت المقدس مديني جي بلڪل اتر طرف ھيو ۽ ڪعبو ڏکڻ طرف ان ڪري نماز دوران رخ تبديل ڪرڻ ۾ مقتدين کي رخ مٽائڻ سان گڏ ڪجهه پنڌ ڪري نيون صفون ٺاھڻيون پيون ھونديون.[1] ڪعبو جي معني آھي چوڪنڊو . اھا مسجدالحرام جي وچ ۾ ھڪ چورس عمارت آھي . مسلمانن جو يقين آھي تہ اھا عمارت دنيا جي پھرين انسان آدم خدا جي حڪم سان تيار ڪئي ھئي جيڪا نوح جي دور م آيل ٻوڏ ۾ تباھ ٿي ويئي ۽ پوء ابراهيم ۽ ان جي پٽ اسماعيل خدا جي حڪم سان پراڻي بنياد تي سن جي نئين سر اڏاوت ڪئي ھئي.تفھيم القرآن مطابق مسجدالحرام جي معني آهي حرمت واري مسجد. حرمت جو مطلب عزت آھي يعني عزت واري مسجد.[2]

ڪعبي جي ڊرائينگ
ڪعبي جي فني ڊرائينگ

گئلري سنواريو

قبلي جو رخ سنواريو

تفھيم القرآن مطابق قرآن ۾ قبلي جي طرف منھن ڪرڻ جو حڪم آهي ان جو مطلب بلڪل سڌ ناھي.جنھن به طرف لاء اسان کي امڪاني تحقيق مان غالب گمان حاصل ٿئي تہ ان طرف ڪعبو آھي تہ اوڏاھن منھن ڪري نماز پڙھڻ يقينن صحيح آهي. پر جي ڪٿي اھڙي تحقيق ممڪن نہ ھجي مثلاً ريل يا ٻيڙي ۾ تہ جنھن طرف بہ قبلي جو گمان ھجي ء جيتري قدر رخ ڪرڻ ممڪن ھجي نماز پڙھي سگھجي ٿي . جيڪڏهن نماز دوران صحيح رخ معلوم ٿي وڃي ۽ صحيح طرف منھن ڪرڻ ممڪن ھجي ته نماز دوران رخ تبديل ڪري سگھجي ٿو.[3]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد 1 ؛مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 121؛ اداره ترجمان القرآن، لاھور }
  2. {ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد 1 ؛مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 122؛ اداره ترجمان القرآن، لاھور }
  3. {ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد 1 ؛مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 122؛ اداره ترجمان القرآن، لاھور }

سانچو:اسلام ۾ نمازون