قاضي اسماعيل الور وارو الور جي مشهور عالمن مان قاضي اسماعيل هو، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفي جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد بن قاسم سنڌ وٺڻ بعد اتي جو قاضي ۽ خطيب ڪري رکيو هو. انهيءَ جي اولاد مان هڪڙو ٻيو به قاضي اسماعيل هو، جو عالم ۽ فاضل هو ۽ سنڌ جي فتح جو احوال عربيءَ ۾ لکيو هئائين. سنه 600ھ ۾ علي بن حامد ڪوفي، جو اُچ ۾ رهندو هو، تنهن انهي قاضيءَ کان اهو احوال وٺي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تان ”چچ نامي“ جو ڪتاب ٺهيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو