نامور صحافي ۽ سياستدان قاضي -اسد- عابد جو تعلق حيدرآباد جي مشهور قاضي خاندان سان آهي. سندس والد قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ برک صحافي ۽ سياستدان رهيو آهي. قاضي -اسد- جو -جنم- حيدرآباد ۾ ٿيو. -انگلنڊ- مان B.B.A جي ڊگري ورتل اٿس. سندس صحافتي خدمتن جي مڃتا طور 23 مارچ 2007 ع تي کيس -پاڪستان- جي اعليٰ سول اعزاز ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. سياست ۾ سندس تعلق -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ سان آهي، جنهن جي -ٽڪيٽ- -تان- حيدرآباد واري -تڪ- -تان- ٻه ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اخبارن جي مالڪن جي تنظيم ”آل -پاڪستان- نيوز پيپرز سوسائٽيءَ“ جو 9 ڀيرا جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي. هن وقت سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر آهي. قاضي -اسد- عابد جو -پاڪستان- جي سياست ۽ سرڪاري ادارن جي نمائندگيءَ ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي. هن وقت سندس سياسي وفاداريون -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ سان آهن. -ان- کان علاوه عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو -ايگزيڪيوٽو- -ايڊيٽر- آهي. هن گروپ آف پبليڪيشن ۾ روزاني عبرت، روزاني سنڌو، پندرهن روزه عبرت مئگزين، هفتيوار سنڌو، ماهوار هزار داستان شامل آهن. جڏهن ته هن کان اڳ عورتن جو رسالو ماهوار ”بختاور“، ٻارن جا رسالا ”ارچڪ مرچڪ“، ”ششر“ ۽ ”عبرت بڪ ڪلب“ به هن گروپ آف پبليڪيشن ۾ شامل هئا.[1]

حوالا سنواريو