فڪر جي آزادي (Freedom of thought) اهڙي سوچ ۽ انداز فڪر جيڪو خارجي دٻاءُ کان آزاد هجي. فڪر جي آزادي حقيقت ۾ خارج ۾ موجود اهڙي ڪيفيت آهي جنهن تحت ڪو بہ فرد پنهنجي جذبات ۽ فڪر جو اظهار اهڙي طرح ڪندو آهي جيئن اهي حقيقت ۾ ٿيندا آهن. فڪر جي آزادي انسان جي بنيادي حقن مان هڪ آهي جنهن کي جمهوري معاشرن ۾ وڌڻ جو موقعو ملندو آهي. آمر حڪومتون، پنهنجي تسلط کي برقرار رکڻ لاءِ فڪر جي آزاديءَ کي دٻائي رکنديون آهن. فڪر جي آزاديءَ سان ڪنهن بہ فرد يا ليکڪ جي خداد صلاحيت کي نکرڻ جو موقعو ملندو آهي. فڪر جي آزادي هڪ اديب لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.