فُٽبال جنگ يا فوٽ بال وار (Football War) آمريڪي کنڊ ۾ موجود ٻن ملڪن ايل ’سلواڊور‘ ۽ ’هونڊوراس‘ جي وچ ۾ گهڻي وقت کان ملڪي حدن جي معاملي ۾ جهيڙو هلندڙ هو. 1969ع جي جون ۾ جڏهن هونڊراس، ايل سلواڊور کان ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائنگ ميچ ۾ کٽيو، ته 1970ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي ويڙهاند لڳي. هن جنگ ۾ ڌرين جا لڳ ڀڳ 3000 ماڻهو مارجي ويا. هن ويڙهه کي ”سؤ ڪلاڪن واري لڙائي“ (چئن ڏينهن کان وڌيڪ هلندڙ) به چوندا آهن. هن جنگ ٻنهي مُلڪن کي تمام گهڻو هاڃو رسايو، نيٺ آمريڪي رياستن جي تنظيم (OAS)جي مداخلت تي ايليسلواڊور جي فوج هونڊوراس جي حدن کان موٽي وئي ۽ ويڙهه ختم ٿي. [1]

حوالا سنواريو

  1. Football War | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2021-09-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-19