فيملي ڪلچر
ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺍﻫڙﻭ ﻭﺍﺀُ ﮔُﻬﻠﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﭘڙﻫﻴﻞ ۽ ﻫﻮﻧﺪ ﻭﺍﺭﻥ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮﻳﺖ ﺭﮘﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺕ ۽ ﻓﻴﻤﻠﻲﺀَ ﻻﺀِ ﺟﻴﺌﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﭘﺌﺴﻮ ڪﻤﺎﺋﮡ ۽ ﭘﻮﺀِ ﺭﮘﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺕ ۽ ﻓﻴﻤﻠﻲﺀَ ﺗﻲ ﺧﺮﭺ ڪﺮﻱ ﮀڏﮠ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻮ ﻣﻘﺼﺪ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﮐﻲ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﺎڊﻝ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻣﺎڊﻝ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺁڏﻭ ڪﻮﻧﻬﻲ . ﻓﻴﻤﻠﻲ ڪﻠﭽﺮ ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻭڏﻭ ﻧﻘﺼﺎﻥ ﻫﻲﺀُ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻮﭺ ﺟﻮ ﺩﺍﺋﺮﻭ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺤﺪﻭﺩ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻮ ﺫﻫﻦ ﺻﺮﻑ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﺩﻱ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﺪﻭﺩ ﺩﺍﺋﺮﻱ ۾ ڪﻢ ڪﺮﻱ ﭤﻮ . ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﺟﻴڪﻲ ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺁﻫﻦ، ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﺎ ﻋﺰﻳﺰ، ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺎﺗﺤﺖ، ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﺮﻱ ۽ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﺎ ﻫﻢ ﻭﻃﻦ، ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻮ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﻳﺎ ڪﻤﺰﻭﺭ ﭘﺌﺠﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﻳﺎ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺟﻮ ﻧﻘﺼﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ , ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﮔﻼﺋﻮﻥ، ٽﻮڪﻮﻥ ۽ ﺗﻨﻘﻴﺪﻭﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻮ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﻣﺸﻐﻠﻮ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﻴﻮﻥ . ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ڪﻬڙﻱ ﺧﺎﻧﻲ ۾ ﺑﻴﻬﻮ ﭤﺎ . ﻫﻲ ﺍﻭﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﻋﺎﻡ ﭼﻮﮢﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺧﺴﻴﺲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺭﻭﺍﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ۽ ﺳﭡﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﻓڪﺎﺭ ۽ ﻧﻈﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﭤﺌﻲ ﻫﻴﺌﻦ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻇﺎﻫﺮ ۾ ﺗﻪ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺳﻔﻴﺪ ﭘﻮﺵ ﺳﺮﻳﻼ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻈﺮ ﭘﻴﺎ ﺍﭼﻮ ﭘﺮ ﻋﻤﻠﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﻫڪڙﺍ ﺧﻮﺵ ﭘﻮﺵ ﺣﻴﻮﺍﻥ ( Well-dressed animal ) ﺑﮣﻴﻞ ﻫﺠﻮ ﭤﺎ . ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﮐﻲ ﺧﺪﺍ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﭤﺎ ﮀڏﻳﻦ . ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﺟﻲ ڪﮃ ڊﻭڙﻥ ﭤﺎ، ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﺟﻴﺌﻦ ﭤﺎ ۽ ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﻫﺮ ﺟﺎﺋﺰ ۽ ﻧﺎﺟﺎﺋﺰ ڪﻢ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﺗﻴﺎﺭ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ . ﻗﺮﺁﻥ ﻣﺠﻴﺪ ۾ ﭔﮅﺍﻳﻞ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴڪﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﮐﻲ ﺧﺪﺍ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﭤﺎ ﮀڏﻳﻦ، ﺍﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻﺀِ ﺑﻴﺤﺪ ﺑﮁڙﻭ ﺍﻧﺘﺨﺎﺏ ﭤﺎ ڪﻦ .
ترتيب / ماجد علي تنيو