فيس بڪ جو سولر پاور انٽرنيٽ ڊرون

فيس بڪ (Facebook) جي باني مارڪ زڪربرگ (Mark Zuckerberg) سڄي دنيا کي ڳنڍڄار (انٽرنيٽ) سان ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ان مقصد لاءِ، سندس ڪمپنيءَ اهڙا وڏا ڊرونز ٺاهيا آهن جيڪي دنيا جي مختلف علائقن تائين ڳنڍڄار جي پهچ ۾ مدد ڏيندا. فيس بڪ جي ڪنيڪٽوٽي ليب، شمسي توانائي سان هلڻ وارن انهن ڊرونز کي ٺاهيو آهي جيڪي بوئنگ 747 جيترا وڏا آهن ۽ انهن کي اڪيولا جو نالو ڏنو ويو آهي. ان ڊرون، پهرين آزمائشي اُڏام جون 2016ع ۾ ڪئي، اها اُڏام 96 منٽ تائين جاري رهي. ڪمپني کي اميد آهي ته اڳتي هلي ڊرون ليزر بيم جي ذريعي دنيا جي ڏوانهن علائقن تائين انٽرنيٽ جي فيس بڪ کي پهچائي سگهبو. [1]

حوالا سنواريو