فولادي ٽڪنڊو (Folaadi Ttikund'o) يا آئرن ٽرائنگل (Iron Triangle) زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ مستقل مفاد رکندڙ گروهن، ڪامورا شاهي ۽ قانون ساز حلقن جي وچ ۾ ٿيل اتحاد ۽ اتفاق، جنهن جي نتيجي ۾ فوجي، صنعتي ۽ قانوني ٽڪنڊو جُڙي پوي ٿو. اهي ٽيئي ڌُريون پاڻ ۾ نانيءَ ويڙهو ٺاهي مُلڪي وسيلن ۽ دولت کي هڙپ ڪنديون رهنديون آهن. انهيءَ هٻڇ ۽ لُٽَ مار دوران سندن آڏو مُلڪي مُفاد، عوامي ڀلائي ۽ اخلاقي قدر پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهن ۽ پيسا ڪٺا ڪرڻ جي انڌ ۾ اُهي ڌريون هوريان هوريان اقتدار ۽ مُلڪي وسيلن تي قابض ٿي وڃن. سندن اها هڪ مُٺ ٿيڻ ذريعي قبضيداري ايڏي تہ سگھاري ۽ پڪي پُختي ٿي پوي ٿي، جو مُلڪي سرشتي ۾ ننڍي توڙي وڏي تبديلي سندن مرضيءَ کان سواءِ اَڻٿيڻي (ناممڪن) ۽ خواب لڳي ٿي.[1]

حوالا سنواريو