فوجي معاملن ۾ انقلاب

هٿيارن ٺاهڻ ۾ نون هُنرن ۽ فنن جي استعمال سبب، فوج سازيءَ واري شعبي ۾ هڪ نئون انقلاب آيو آهي. اڄڪلهه هر ملڪ جي فوجن ۾ نئين ٽيڪنالاجيءَ مطابق ٺهيل هٿيار آڻڻ ڏاڍو ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان هٿيارن جو ٺيڪ نشاني تي لڳڻ ۽ ويريءَ (دشمن) کي وڌ کان وڌ نقصان رسائڻ جون صلاحيتون حاصل ٿي وڃن ٿيون. ”سرد جنگ“ دؤران، فوجي معاملن ۾ هن قسم جي واضح تبديليءَ کي هاڪاري قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته جديد قسم جي اهڙن هٿيارن جي هجڻ سان ۾ُخالف ڌُر کي سخت جوابي اُلر جو خوف رهي ٿو ۽ انهيءَ خوف سبب اهو اڳرائي نٿو ڪري، نتيجي ۾ ٻن برابري ڪندڙ ڌُرين وچ ۾، جنگ جا امڪان سگهارا نٿا رهن. پر 1991ع ۾ ٿيل ايراني نار (Persian Gulf) واري جنگ دوران اهڙن هٿيارن جي اجائي استعمال، شديد جنگي خطرن کي اڃا وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن جي هٿيارسازيءَ ۾ استعمال کان کانسواءِ، سڌي يا اڻ سڌي طرح جنگي صورتحال بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان جي صحيح موقعن تي استعمال ذريعي، جنگ جي نتيجن جي اڳواٽ علم بابت به اڳڀرائي ٿي آهي. ريووليوشن ان ملٽري افيئرس (Revolution in Military Affairs, RMA) کي جديد نظرين هيٺ وڏي حاصلات جي انداز ۾ ڏٺو وڃي ٿو. اڄوڪي دُنيا ۾ ”اطلاعاتي فن“ (Information Technology) جي اچڻ سان، تڪراري ڌُرين وچ ۾ جيڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ”ڇتي ڇڪتاڻ“ ۾ تبديل ٿي آهي، تنهن فوجي نظام جي جوِڙجڪ ۽ ملڪي سيڪيورٽي سرشتي ۾ پڻ ڏاڍي اهم جڳهه والاري آهي. تازو 2010ع ۾ انٽرنيٽ جي ويب سائيٽ ”وڪي ليڪس“ (WikiLeaks) جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي، دُنيا جي اهم فوجي ۽ سياسي ادارن جي چُرپُر بابت جيڪا اچرج ۾ وجھندڙ ڄاڻ ڏني آهي، انهيءَ سڄي دنيا جي حڪومتن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ”وڪي ليڪس“ طرفان دُنيا جي وڏن سياسي ۽ فوجي طاقتن ۽ سندن ادارن جي نظامن ۾ جيڪي اُڻايون بيان ڪيون آهن، تن سڄي دُنيا جي فردن توڙي گروهن ۾ ”انفارميشن سيڪيورٽي“ جي حوالي سان هڪ خوفناڪ صورتحال پيدا ڪري ورتي آهي، جنهن ڪري آمريڪا ۽ سندس يورپي اتحادين سميت، دُنيا جي اڪثر ملڪن، پنهنجي ۾ُختلف سرشتن جي حفاظت تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت RMA جي ۾ُک مامرن ۾، حاصل ٿيل ڪنهن به معلومات کي محفوظ ڪرڻ ۽ اُن کي نروار ٿيڻ کان بچائڻ وارو نُڪتو تمام وڏي اهميت حاصل ڪري چُڪو آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد