فلسفي جي تاريخ
فلسفلي تاريخ سنواريو
عام طور تي فلسفي جي تاريخ (History of Philosophy) کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. جنهن ۾ هندستاني فلسفو، يوناني فلسفو ۽ مسلم فلسفو اچي وڃن ٿا. فلسفي جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو سبب انهن ٽنهي فلسفن جا جدا جدا نموني سان اڳتي وڌڻ رهيو آهي.
هندوستاني فلسفو سنواريو
هندستاني فلسفي کي وري چئن دؤرن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ ويدانتي فلسيفي جو دور، جنهن ۾ چار ڪتاب اچي وڃن ٿا، رگ ويد، اٿر ويد، سام ويد ۽ يجر ويد ۽ ان کان پوءِ برهمڻن جو دور اچي ٿو، انهيءَ دور ۾ ويدن جون مذهبي تشريحون لکيون ويون ۽ پوءِ پراڻ ۽ اپنشد جو دور اچي ٿو، جنهن ۾ بحث مباحثن کي لکيو ويو.
يورپي فلسفو سنواريو
يورپي فلسفي جا چار دؤر آهن، جنهن ۾ يوناني فلسفي جو دور، جديد فلسفي جي دؤر ۽ جديديت کان پوءِ جو دور (Post Modernism).
يوناني فلسفو سنواريو
يوناني دؤر کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. سقراط کان آڳاٽو (Pre Socrates) ۽ سقراط کان پوءِ (Post Socrates) جو دؤر.[1][2]
- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Philosophy)
- ↑ سنڌي ادبي بورڊ