فلاڪس(انگريزي: Phlox)/ˈflɒks/; Greek φλόξ "باھ جو شعلو" 67 جنسن وارو نسل آھي گھڻي ڀاڱي اتر آمريڪا ۽ سائيبيريا ۾ ملندا آهن. ڪجهه بھار جا ۽ ڪجهه اونھاري جي موسم ۾ ٿيندڙ گل ھوندا آھن. مختلف رنگن ۽ خوشبوئن جا ٿيندا آهن . اھي گل پوپٽن ۽ ھيمنگبرڊ جي لاء پرڪشش ھوندا آھن[1].مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ:هي هڪڙو مزي جهڙو يڪ سالو گل آهي، جنهن جا تمام گهڻا قسم آهن ۽ جي سڀ سهڻا آهن. باغ ۾ هن جو هئڻ ضروري آهي. ولايت مان ٻج سڀني رنگن جو ايندو آهي. لسن رنگن کان سواءِ ٻيا به آهن، جن تي ٽِڪا ٿا ٿين، ليڪا ٿا ٿين، وچ ۾ هنن کي ڦڪا يا ڪارا داغ ٿا ٿين. ٻج آڪٽوبر ۾ ڪونڊين ۾پوکجي، جڏهن سلا ٻن انچن جيڏا ٿين تڏهن ٽپائي زمين ۾ رکجن. جدا جدا رنگ جي لاءِ جدا جدا ننڍڙا ٻارا هوندا ته وڌيڪ مزو ڪندا. زمين ڀلي گهرجين. مئي مهيني تائين گل ڪندا رهندا آهن. بعضي ٻئي سياري ۾ وري پاڻهئي پنهنجي ٻج مان ڦٽندا آهن. هي گهرن جي ورانڊن ۾ به رکي سگهجن ٿا. جنوريءَ ۾ پوکبا ته جون ۽ جولاءِ ۾ گل ڪندا. هن جو هڪڙو قسم مدامي به ٿيندو آهي.[2]

فلاڪس
فلاڪس پئنيڪيولاٽا (باغ وارو فلاڪس)
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): ايسٽيرڊس
جنسون

ڏسو ھن صفحي جو متن


فلاڪس جون جنسون سنواريو

 
پي. پئنيڪيولاٽا جو ميوو ۽ ٻج'
 
فلاڪس ٽرائيووولاٽا(ن ٻجن وارو فلاڪس)، نيو ميڪسيڪو، يو ايس اي

ھن نسل ۾ ھيٺيون جنسون شامل آهن[3]

*Phlox subulata L.

حوالا سنواريو

  1. "Phlox paniculata", Missouri Botanical Garden
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. The Plant List: A Working List of All Plant Species, وقت November 17, 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل May 20, 2016