فلاسافرن جي موضوع

هي موضوع ۽ سوال سدائين کان فلاسفرن جا دل گهريا سوال رهندا آهيا آهن. هيءَ ڪائنات سمجھي سگهجي ٿي يا نه؟ هيءَ ڪائنات ڪُلي نموني سمجھه ۾ ايندي يا نه؟ ڪائنات هڪ هنڌ بيٺل آهي يا مسلسل ترقيءَ ۾ آهي؟ هن ڪائنات کي ڪنهن ٺاهيو آهي يا پاڻ مرادو وجود ۾ آئي آهي؟ ڪائنات کي جيڪڏهن ڪنهن ٺاهيو آهي ته اها هستي ڪير آهي؟ هاڻ ڇا پئي ڪري، ڪائنات تي اثر انداز ٿيئي پئي يا ڪائنات ٺاهڻ کان پوءِ آرام ۾ آهي ۽ دنيا جا لقاءَ پئي ڏسي؟ جيڪڏهن ڪائنات کي ڪنهن ٺاهيو ناهي ته پوءِ ڪائنات هميشه هئي يا پوءِ وجود ۾ آئي آهي.

ڪائنات جي سدائين کان هئي ته پوءِ ان ۾ تبديلي يا واڌار اچي پيو يا نه؟ ڪائنات ۾ حقيقي واڌارو يا ترقي آهي يا رڳو اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. يا ڪائنات مسلسل حرڪت ۾ آهي؟ ڪائنات سموري هڪ آهي يا ڇڙوڇڙ آهي؟ جيڪڏهن هڪ آهي ته ڪيئن آهي؟ ڪو قانون يا اصول ڪائنات ۾ وجود رکي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن نه ٿو رکي ته پوءِ ڪائنات ڪيئن ٿي هلي؟ جيڪڏهن ڪو قانون آهي ته پوءِ ڪهڙو آهي؟ ڪائنات کي انسان سمجھي سگهجي ٿو يا نه؟ ڪائنات کي عقل وسيلي سمجھي سگهجي ٿو يا تجربي وسيلي يا وجدان جي ذريعي؟ عقل ڇا آهي؟، تجربو ڇا آهي؟ وجدان ڇا آهي؟ انسان ڇا آهي؟ سماج ڇا آهي؟ خدا ڇا آهي؟ ڪائنات ڇا آهي؟ سياست ڇا آهي؟ حق ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ اخلاق ڇا آهي؟ انصاف ڇا آهي؟ سماجي قانون ڇا آهي؟ حادثو ڇا آهي؟ اتفاق ڇا آهي؟

[1] [2]