فقير غلام علي مسرور

فقير غلام علي “مسرور” (انگريزي: Faqeer Ghulam Ali Masroor ) فقير غلام علي “مسرور” ولد حاجي رحيم بخش بدوي (جنم : 1893ع ، وفات : 1952ع) جو شمار انهن صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن فڪر ۽ فقر کي شعار بڻائي سنڌي ادب ۾ ناماچار ڪڍيو[1]. هو ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج نه آهن. پاڻ نه رڳو هڪ پخته گو شاعر هئا، پر اعليٰ پايه جا نثر نويس به هئا. سندن تصنيفات ۾ “مسدس مسرور” عرف “هيرن جو هار”، “راڳ جي شرعي حيثيت”، مثنوي هير رانجهو”، “دشمن”، “من - مستي”، “سلطاني سهاڳ” کان علاوه “فقير واليڏنو شڪارپوري” جو ڪلام پڻ شامل آهن[1]. پاڻ روهڙي شريف جي صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت بيدل سائين رحه جي فڪر جو گهرو اثر قبول ڪيائون ۽ اهوئي سبب آهي جو سندس ڪلام ۾ مرشد جي ناصحانه ڪلام جي جهلڪ نظر اچي ٿي[1]. شڪارپور شهر ۽ ماحول جي عڪاسي هيٺين ريت نظم ڪئي اٿن.

عجب ماڻهو اڄوڪي ٽاڻي رهن - ڪرن ٿا شڪارپور ۾،

مزي سان پنهنجي ڪمين وهاڻي اچن - وڃن ٿا شڪارپور ۾. لچا لفنگا اڇن وڳن سان، وڏا وڏيرا وڏن پڳن ۾، مزور واندا گهٽين دڳن سان گهمن - ڦرن ٿا شڪارپور ۾. چڱي مٺي جا ٻه - چار نوڪر، ڏُڪر جي جن کي لڳي نه ٺوڪر، ٻيا سڪولي غريب ڇوڪر نچن - ڪڏن ٿا شڪارپور ۾. ملي نه لهڻو رهيل ڪمايل سدا سڃن جا سوين ستايل، ٻيا گهڻا مون جيان دکايل مرن - جيئن ٿا شڪارپور ۾. گهڻائي ڪال و نچال وارا گهڻائي خارج خصال وارا، تڏهن به خاصي خيال وارا اُٿن - ويهن ٿا شڪارپور ۾. ڏسي هي حالت ڏڪي وڃان ڪجهه مگر نه دل جو ڀرم ڀڃان ڪجهه، گهڻا ويا گهر ڊهي اڃان ڪجهه ڪِرن - ڊهن ٿا شڪارپور ۾. وڌيڪ “بدوي” نه ڪر حڪايت اها حڪايت چون شڪايت، گهڻائي اهڙا ذليل عادت هڻن - کڻن ٿا شڪارپور ۾.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -