فطري ٻوليءَ جي سڃاڻپ
فطري ٻولي جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي ٿي؟مثال سنڌي ٻوليءَ مان ئي وٺون ٿا. انگريزيءَ جو ھڪ لفظ آھي (Come) جنھن کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اسان وٽ ٻہ لفظ آھن.
- 1. اچ
- 2. آءُ
ھاڻي ھڪ تجربو ڪريو. ”اچ“ کي ڊگهو ڪري چئو. اوھان سمجهي ويندا تہ اھو لفظ ڊگهن سُرن وارو آھي ئي نہ. فطري طور تي اوھان اھو ھلڪي آواز سان ۽ جلدي جلديءَ ۾ چئي ويندا. پر جڏھن اوھان ”آءُ“ اچاريندا تہ اوھان جو آواز مٿاھون ۽ ڊگهو بہ ٿي ويندو تہ ان کي طويل بہ ڪندا. ڇوتہ ان لفظ ۾ ڊگهو سُر ”آ“ جي شڪل ۾ موجود آھي. ھاڻي اوھان سوچيو تہ اچ ۽ آءُ ۾ ڪھڙو فرق آھي جو اھي جدا جدا طور تي ڳالھايا وڃن ٿا؟ جواب صفا سادو آھي. اوھان ”اچ“ ويجهي واري فرد کي سڏيندي چئو ٿا ۽ آءُ مفاصلي واري ماڻھوءَ لاءِ ڪتب آنيو ٿا. معنا آوازن جي گھڙت، آڏاوت يا بيحڪ (Anatomy) ۾ مھل موقعي، وٿي مفاصلي جو جيڪڏھن پاڻمرادو خيال موجود آھي تہ اھڙن ٻولن واري ٻولي فطري ٿيندي آھي.
ٻيو مثال: سنڌي ٻولي ”حساب ڪتاب“ جي ٻولي بہ آھي. مثال انگريزيءَ جو لفظ (Zero) جنھن کي جديد سنڌيءَ ۾ ٻڙي تائين رکيو ويو پر قديم سنڌيءَ ۾ ان کي شُني بہ سڏيو ويندو ھئو. ٻڙي جا معنا گول گول ننڍڙي شڪل (جنھن جو نر مادو وري ٻڙو ٿئي ٿو). سو اھا ٻڙي زيرو کي ظاھر ڪري ٿي. وري لفظ شني، جيڪا حقيقت ۾ سنڌيءَ جي ٺيٺ آوازن ۾ "سڃي" بہ آھي. ان جو ڇا مطلب آھي؟ سڃي، معنا خالي، ڪجهه بہ نہ! ھاڻي زيرو ڇا آھي؟ معنا ڪجهه بہ نہ.
اھڙي نموني سان جيڪي انگي حسابن يعني رياضيءَ جا استاد آھن اھي سمجهي سگھن ٿا تہ ٽپور پاسو ٽڪندو، ٻپور پاسو ٽڪندو، ننڍي عام ڀڃ اپت، وڏي عام ڀڃ اپت، ونڊ، ڪٽ، پاڇي وغيرھ جھڙا لفظ اوھان کي تمام گهٽ ٻولين ۾ ملندا.
ڌرتيءَ تي جيڪي بہ ڳريون شيون، يا ڌرتيءَ سان لاڳاپيل مادا ملندا تہ اوھان انھن جا نالا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳرن آوازن جي شروعات سان ملندا. مثال: ڀينڊ، ڀتر، ڌڌڙ، ڊھڻ، ڌڱ، ڌمڪ، جهجهو، ڌمچر، ڌئونس، ڌاڙيل وغيره.
ائين وري صفتن جي ابت ڪرڻي ھجي تہ گھڻو ڪري لفظ، اکر ”الف“ سان شروع ٿيندا. مثال: ابتو، اکنڊ، املھ، اشانت، اڀاڳ وغيرہ
ائين وري جيڪي سھڻين شين جا نالا ملندا تہ اھي نوي سيڪڙو کان مٿي اکر ”س“ سان شروع ٿيندا. مثال: سونھن، سچ، سرت، سک، ساھ، سنڌ، سام سلڇڻو وغيرہ
وري جيڪي ڪنا لفظ ھوندا تہ انھن جي اڳياڙي نوي سيڪڙو اکر ”ڪ“ سان شروع ٿيندي. مثال: ڪوڙ، ڪپت، ڪوجهو، ڪسو، ڪتو، ڪمينو، ڪلڇڻو وغيره.
اڇا! جيڪي وري مٺا ھوندا اھي وري اکر ”م“ سان شروع ٿيندا. مثال: محبوب، مرشد، ماءُ، مٽي، مٺائي، من، مرڪ، مکڻ وغيره.
وري اکر ”ن“ جي ابتدا سان نوي سيڪڙو صفتن جو ٺپ انڪار بہ ٿي ويندو آھي. مثال: نڀاڳ، نپٽو، ناتر، ناھ، نابري وغيره.
مٿين وضاحتن لکڻ جو اصل مقصد اھو آھي تہ گهڻي ڀاڱي ڪيترائي دوست سنڌي ٻوليءَ جي بيھڪ، اچارن، لفظن جي گهڙت کان اڻڄاڻائيءَ جي ڪري چوندا آھن تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ دم ئي ناھي تہ انھن کي اھا خبر ھجي تہ انھن سنڌي ٻوليءَ جي انت بحر کي سمجهيو ئي ناھي. جنھن ۾ انساني تعلقن جا جيڪي نالا ترتيب فطري طور تي ملن ٿا، شايد ڪي شاھوڪار ٻوليون ٻيون ھجن جن ۾ اھي ملن. مثال: ڏيروٽ لفظ آھي. معنا ”ھڪ مائيءَ جي مڙس جي ڀاءُ جو پٽ“ ھاڻي ڪريوس ان کي ٻين ۾ ٻولين ترجمو!
باقي سن 712ع کان پوءِ جيڪا ھتي عربيءَ جي يلغار ٿي جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڌاتن سان ھٿ چراند ڪري تڙيو ويو تہ ان ٻوليءَ جو نہ پر ان لوڌ جو اثر ھئو، جنھن ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌي ٺيٺ لفظ ”ھندو مذھب“ جا سمجهي ڪڍي انھن جي جاءِ تي عربي فارسي آندا ويا. پر ياد رکجو جيڪي عربي فارسي لفظ اسم آندا ويا انھن جا ٺيٺ سنڌيءَ ۾ اسم موجود ھئا.
مثال: احساس ڪمتري پوءِ ۾ آيو. اڳ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ اھو ”ھيڻ ڀاونا“ لفظ موجود ھئو ۽ آھي.
وري گورن جي اچڻ کان پوءِ معاشي طور تي سنڌي سگھاري تہ ٿئي ٿي پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي اڻاٺ جي ڪري ٻولي انھن جديد اسمن ۾ مار کائيندي ملي ٿي. پر ان ۾ آھي ڇا؟ ڪا ڳالھ ناھي. اسان موبائل کي موبائل ئي سڏيندا سين، ھروڀرو پرائي تخليق تي اسان کي ڪو بہ حق ناھي تہ ان تي سندو نالو رکون. ڀلي ڳالھ آھي، جيڪڏھن ٻولي سنڍ ٿيڻ بجاءِ سدائين نوان نوان لفظ پاڻ ۾ شامل ڪندي رھي.
ياد رکو فطري ٻولين جي ھڪ اھا بہ سڃاڻپ ھوندي آھي تہ اھا ھزارين سالن جو سفر ڪندي نوان نوان لفظ کڻندي انھن کي پنھنجي سانچن ۾ گهاڙيندي پنھنجو ڪندي رھندي آھي. سو اوھان اسان جي سنڌي ٻولي فطري آھي. ڪنھن ڌاريي لوڌ جي لشڪر جي نظريي ضرورت تي ناھي ٺھيل.. سو فخر ڪريو ۽ ان کي پنھنجو ڪريو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ فطري ٻوليءَ جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي ٿي؟ - ليکڪ: امر فياض ٻرڙو