فطرت نگاري

فطرت نگاري (Naturalism) قدرتي، فطري جايون، منظر، ماڳ، پاڻي، وڻ، ٻوٽا، جبل، ڍنڍون ڍورا وغيره. مطلب تہ اهي سڀ منظر جيڪي هٿرادو ٺهيل نہ هجن ، بلڪہ قدرت جا جوڙيل هجن. اهي فطرت جو حصو هوندا آهن. رومانوي شاعر ۽ اديب اڪثر ڪري فطرت جي مظهرن کان اتساهه وٺي لکندا آهن. ادب ۽ فن ۾ فطرت يا قدرتي ماحول جو تفصيل. 19 صديءَ جي مشهور ناول نگار بالزاق (Balzac) (1799-1850ع) کي فرانس ۾ فطري ناول جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو. فطرت نگاريءَ ۾ فطرت جي مظاهرن جي عڪاسي ٿيندي آهي. انگريزي شاعريءَ ۾ وليم ورڊس ورٿ فطري منظرن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو. سنڌيءَ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ شيخ اياز قدرتي منظرن جا بهترين عڪاس شاعر سمجهايو وڃي ٿو.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.