فطرتي تنقيد (Naturalistic Criticism) ادبي تنقيد ۾ جيڪو لفظ گهڻو ڪري حقيقت پسنديءَ جي نعم البدل طور ڪم اچي يا جنهن سان ادبي يا فني شهپاري بابت خود بخود اها راءِ قائم ٿئي ٿي ته انهيءَ فطرتي سونهن بابت محبت يا دلچسپي موجود آهي، تنهن کي فطرت پسندي چئجي ٿو. هن لفظ جي استعمال سان اهڙي ادب يا ادبي پورهئي جي نشاندهي ٿئي ٿي. جنهن جي تخليق ۾ حقيقت پسندانه طريقا ڪم آندا ويا هجن ۽ جنهن جو موضوع فطرت پسنديءَ جي فلسفيانه نموني يا نوع جو اظهار ڪري. هن نظرئي جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي رکيل آهي ته هر اها شيءِ جيڪا وجود رکي ٿي، سا فطرت جو حصو آهي ۽ فطرت سان ئي ان جي وضاحت ڪري سگهجي ٿي ۽ انهيءَ شيءِ کي ڪڏهن مافوق الفطرت ۽ ڪڏهن، روحاني ۽ وسيلن سان واضح ڪري نٿو سگهجي. [1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.