فرقيواراڻي هنسا

فرقيواراڻي هِنسا/يا فرقيواراڻو تڪرار (Sectarian violence) فرقيواراڻي هِنسا جو هڪ روپ آهي، جيڪو فرقيواريت کان متاثر ٿئي ٿو. يعني ڪنهن قوم/ڪميونٽي جي اندر ڪنهن خاص نظرئي جي مختلف فرقن يا ڌَرَمَ جي مَٽَ مَٽَ فرقن جي وچ ۾ نفرت يا ساڙ.

ڌرمي فَرقُ اڪثر ڪري فرقيواراڻي هِنسا ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪندو آهي. فرقيواراڻي هِنسا نسلي فساد يا جاتي واد جي تصور کان مَٽَ هوندي آهي. ان ۾ شامل ٿي سگھي ٿو سماجي پولرائيزيشن جو چُرِپُرِ ۾ اچڻ، جاگرافيائي علائقي جو بالڪانائيزيشن ۽ پاڻ پرست گروپن جو هڪ ٻئي خطي جي ماڻھن سان ڊگھو سماجي تَڪِرارُ. فرقيواراڻي هِنسا جي لاءِ ڪجهه ممڪن ڳالھيون جن ۾ شامل آهن طاقت جي ڪوشَشِ، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ماحول, اقتصادي منظرنامو ۽ معاشي تڪرار. جيئن سرمائيداري بَنام اشتراڪيت. سياسي تڪرار جيئن قوم پرستي بنام گلوبلائيزيشن/عالمگيريت. بين الاقوامي تڪرار جيئن عيسائي/ڪيٿولڪ بنام يھودي. مسلمان بنام عيسائي.  مسلمان بنام ٻڌ ڌرم. عيسائي تڪرار جيئن ڪيٿولڪ بنام پروٽسٽنٽ. اسلامي تڪرار جيئن شيعا بنام سُني.