فرانس جي ائٽمي سگھ

فرانس جي ائٽمي سگھ يا فورس دي فراپ (Force de Frappe) سال 1960ع دؤران فرانس جي صدر چارلس ڊي گال مُلڪي ائٽمي پروگرام شروع ڪيو هو. جنهن تحت هن چاهيو ٿي ته فرانس جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج کي هٿيار هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين کڻي وڃڻ يا انهن جو استعمال سولائي سان ڪرڻ جي سگھ حاصل ٿئي. ڊي گال هي پروگرام فرانس جي حفاظت ۽ ائٽمي هٿيارن جي معاملي ۾ آمريڪي نوس نوس کان بچڻ لاءِ شروع ڪيو. انهيءَ پروگرام جي ڪري، فرانس ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ ٽئين (پهريون آمريڪا ٻيون سوويت يونين ) نمبر تي پهتو. مارچ 2008ع ۾ فرانس جي صدر نڪولس سارڪوزي، فرانس جي هوائي فوج منجهان Force de Frappe پروگرام کي ٽن مان ٻه ڀاڱا گهٽ ڪرڻ جي پَڪَ ڏياري. جنهن جي نتيجي ۾ فرانس وٽ رڳو اهڙا 300 جنگي جهاز بچندا، جن ۾ ائٽمي هٿيار کڻڻ جي صلاحيت هوندي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد