فائيور (Fiverr) هڪ فري لانسنگ پليٽ فارم آهي، جيڪو ڪاروبارن ۽ انٽرپرينيئورز کي انھن فري لانسرز سان ڳنڍي ٿو جيڪي ڊيجيٽل مھارتن ۾ پنھنجون خدمتون پيش ڪن ٿا، جهڙوڪ؛ ڪانٽينٽ رائيٽنگ، گرافڪ ڊيزائنگ، وڊيو ايڊيٽنگ، ۽ وڌيڪ.

فائيور هڪ آن لائن مارڪيٽ وارو ماڳ آهي، جيڪو ڪاروبار ۽ ماڻهن کي مختلف ڪمن ۽ منصوبن لاءِ فري لانس ٽيلينٽ ڳولڻ ۽ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اهو ڪاروبارن ۽ انھن انٽرپرينيوئرز جي لاءِ هڪ سولو پليٽ فارم آهي جن کي پنھنجي ڪجهه ڪمن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي، ڇو جو اهو ڊجيٽل پليٽ فارم کين خاص صلاحيتن ۽ تجربي وارا ماھر سولائي سان ڳولڻ ۽ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو جن جي کين ضروت آهي. فائيور تي فري لانسرز پنھنجي ڊجيٽل مھارتن ۽ خدمتن جو هڪ وڏو سلسلو جھڙوڪر مواد ٺاھڻ کان وٺي ڊجيٽل مارڪيٽنگ، وڊيو ايڊيٽنگ تائين، ۽ وڌيڪ آڇي سگھن ٿا.

فائيور کي استعمال ڪندڙ، مھارتن صلاحيتن ۽ ماڳ جي بنياد تي فائيور تي فري لانسرز جي ڳولا ڪري سگهن ٿا، انهي سان گڏ ڪلائنٽن جو جائزو ۽ درجا بندي پڙهي سگهن ٿا. فائيور تي فري لانسرز پنھنجو پروفائل ٺاهيندا آهن، جنھن ۾ اھي پنھنجي صلاحيتن، مھارتن ۽ تجربي جي باري ۾ لکندا ۽ ڄاڻ ڏيندا آھن، انهي سان گڏ اهي خدمتون ۽ مھارتون جيڪي اهي آڇين ٿا، انهن جي قيمت يا مُلھ به لکن ٿا ته اھي هيتري کان هيتري رقم ۾ اھو ڪري ڪري ڏئي سگھن ٿا ۽ واھپيندڙ پوءِ پليٽ فارم ذريعي فري لانسرز سان ڳالھ ٻولھ ڳالھ ٻولھ ڪن ٿا، ائين پروجيڪٽ جي تفصيلن تي بحث کان وٺي، قيمتن تي ڳالھ ٻولھ، ۽ ادائگيون هن پليٽ فارم ذريعي ڪيون وڃن ٿيون.

فائيور فري لانسرز لاءِ هڪ ناميارو پليٽ فارم آهي، جتي پنھنجو پورٽ فوليو ٺاھي، پنهنجون مھارتون ۽ خدمتون ڏيھان ڏيھي مارڪيٽ پليس تي آڇي يا پيش ڪري سگھجن ٿيون، انهي سان گڏ انهن ڪاروبارن ۽ ماڻهن جي لاءِ جن کي پنھنجي ڪمن ۽ منصوبن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، انھن جي لاءِ ھي پليٽ فارم پروفيشنلز سان ڳنڍجڻ ۽ رِموٽلي ڪم ڪرائڻ جو هڪ سولو ۽ لاڀائيتو طريقو آهي.[1]

  1. iaoj. "Fiverr: A freelancing platform". Indus Asia Online Journal (iaoj). حاصل ڪيل 2022-12-17.