فائل نالو جو واڌارو

ڪمپيوٽر (ڳڻپيوڪر) فائل پٺيان گڏيل اکر نالو

فائل نالو جو واڌارو(انگريزي: filename extension ) ڪمپيوٽر جي فائل نالو جو واڌارو يا ايڪسٽينشن اصل ۾ فائل جي سڃاڻپ ڪندڙ واڌارو ھوندو آھي جنھن مان خبر پوندي آهي تہ ان فائيل جو خصوصيت ڪھڙي آھي يا اھو فائيل جي ڊيٽا ڪھڙي مقصد لاءِ آھي، يا ان فائيل جي گنجائش ڪيتري آهي ، يا ان فائيل جو فارميٽ ڪھڙو آھي. فائيل جي عام نالي جي آخر ۾ فل اسٽاپ (.) لڳائي يا ننڍي ليڪ (-) لڳائي اکرن جي پڇڙ (suffix) لڳائي اضافو ڪيو ويندو آهي. ان واڌارو يا ايڪسٽينشن کي ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ ۾ ميٽا ڊيٽا (Metadata) چوندا آهن.[1] اھا واڌارو فائيل ۾ محفوظ ڪيل ڊيٽا متعلق ڄاڻ کي بہ ظاهر ڪندي آهي. فائيل جي نالي جو ڪھڙو حصو ان جو واڌارو يا ايڪسٽينشن آھي ان کي ڄاڻڻ لاءِ فائيل سسٽم جا قائدا متعين ٿيل آھن.

فائيل نالي جي اضافي جي سڃاڻپ سنواريو

فائيل جو نالو جيڪڏهن readme.txt آھي تہ ان جي پڇڙ txt فل اسٽاپ يا ٽٻڪي (.) کان پوء ڏنل آهي اھا ان جو واڌارو آھي. ساڳي طرح mysite.index.html فائيل جي نالي ۾ html ان جي پڇڙ (suffix) جي صورت ۾ واڌارو يا ايڪسٽينشن آھي جيڪا فائيل جي فارميٽ، ڊيٽا متعلق ڄاڻ، قسم، ۽ فائيل جي خصوصيتن وغيره کي ظاھر ڪندڙ آھي. ونڊوز فائيلن ۾ EXE يا COM يا BAT وغيره فائيل نالي جو واڌارو يا ايڪسٽينشن جا مثال آهن. فائيل سسٽم ۾ ڪجهه فائيل نالن جي ڪابہ واڌارو نہ ھوندي آھي، ڪن جي ھڪ واڌارو ھوندي آھي ۽ ڪن جي ھڪ کان وڏيڪ واڌارو ھوندي آھي جيئن مثال طور : files.tar.gz فائيل نالي ۾ ٻہ واڌارو آهن جن مان .tar واڌارو ٻڌائي ٿي ته فائيل ٽار آرڪائيو (tar archive) وارو آھي ۽ .gz واڌارو ٻڌائي ٿي ته ٽار آرڪائيو فائيل جي زپ (gzip) سان گھٽايل آھي.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Stauffer, Todd; McElhearn, Kirk (2006) (en ۾). Mastering Mac OS X. John Wiley & Sons. pp. 95–96. ISBN 9780782151282. https://books.google.com.au/books?id=62xkJo6JXwAC&pg=PA95&lpg=PA95. Retrieved 2 October 2017.