فئنٽسي
فئنٽسي - تصوراتي افسانه __(Fantasy):
فئنٽسي، ادبي ۽ باقي فنون لطيفه جي هڪ اهڙي صلاحيت آهي، جنهن سان هڪ ليکڪ يا مصور خيالي دنيا جون تصويرون ٺاهيندو آهي يا خيالي ۽ علامتي تخيل پيش ڪندو آهي. ليکڪ جي بڻايل تصوير هن جي ذهن جي پيدائش هوندي آهي، پر اهي عملي زندگي ۾ ناممڪن هونديون آهن. فئنٽسي ڪڏهن خيالن، تصورن سان جوڙي ويندي آهي ۽ ڪڏهن وري سائنسي افسانويت سان به پيش ڪئي ويندي آهي، انگريزي ادب ۾ اسپينسر (1552-1599ع) جي The Fairie Queen ۽ جان ملٽن جي Camas بهترين مثال آهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪيئي اهڙا داستان آهن، جيڪي خيالي تصوراتي آهن. مومل راڻي جو طلسمي ڪاڪ محل، ڏند ۾ خزاني جو راز وغيره تصوراتي نظر اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي جديد ڪهاڻين ۾ فئنٽيسي جا اهڃاڻ ملن ٿا. پر ورهاڱي کان پوءِ خاص طور تي عبوري دور جي ڪهاڻين ۾ فئنٽسي جو رجحان ڪافي اهميت رکي ٿو. هن قسم ڪهاڻين/ افسانن ۾ اهڙو ماحول ۽ ڪردار تخليق ڪيا ويا، جيڪي حقيقت ۾ موجود نه هوندا آهن. غلام رباني آگري جي ڪهاڻي ’آبحيات‘، جمال رند جي ’ماني ڳڀو‘، امر جليل جي ’ڪپيل ٻانهن جو وارث‘ وغيره سنڌي فينٽسي ڪهاڻين جا بهترين مثال آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي