غير معياري تاريخن جي فھرست

ڪئلينڊر ۾ ڪيتريون ئي غير معياري تاريخون (انگريزي: non-standard dates)، مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن، غير معياري تاريخن جو استعمال افسانوي طور تي ڪيو ويندو آھي تہ ڪٿي وري طنز مزاح جي لاءِ اھڙيون تاريخون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. اھڙن تاريخ جو استعمال رياضي، يا سائنس جي خاص ضرورتن تحت پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي.

ھڪ مقبري جي پٿر تي وفات جي تاريخ 31 فيبروري لکيل آھي.

0 جنوري

سنواريو

0 جنوري 31 ڊسمبر جي متبادل طور استعمال ٿئي ٿو. سالياني فلڪياتي جدول ۾ 0 جنوري، 1 جنوري کان پھرين ايندو آھي. فلڪياتي جدول جي ڇپجڻ وقت صرف ان سال جا ئي تاريخ ڏنا ويندا آھن، ڀل اڳي ڇپيل جدول ۾ 31 ڊسمبر ۽ نئين ڇپيل جدول ۾ 0 جنوري ساڳي تاريخ ھوندا آھن. 0 جنوري فلڪياتي سيڪينڊ جي سمي ۾ پڻ ڏيکاريو ويندو آھي: جيئن ”0 جنوري 1900، 12 وڳي فلڪياتي وقت مطابق“