غير مشروط آڻ مڃڻ

غير مشروط آڻ مڃڻ يا ان ڪنڊيشنل سرينڊر (Unconditional Surrender) مان مراد هڪ ڌُر يا رياست طرفان هٿياربند ويڙھ جو شرط بنا خاتمي جو عمل هن اصطلاح کي واضح ڪري ٿو. ٻن ڌُرين ۾ ٿيندڙ تڪرار ۾ هارايل قوم کٽيل جي رحم و ڪرم تي هوندي آهي، جنهنڪري کيس ڏنڊ ۾ زمين ڏيڻ، رقم ڀرڻ ۽ جنگي مُقدمن سميت ڪنهن به ڏنڊ ڏوهه جي ادائگي ڪرڻي هوندي آهي. هن صورتحال ۾ ڪنهن به قوم کي رڳو ڏيھان ڏيھي (بين الاقوامي) قانون تحت مليل سهولتن کان وڌيڪ ٻي ڪا به پڪ/ سهولت نه ملندي آهي. ٻنهي مهاڀاري لڙائين ۾ فاتح ڌُرين طرفان ھارايل ڌُرين کان غيرمشروط پيش پوڻ جا مُطالبا ڪيا ويا هئا. آمريڪي صدر ’رُوز ويلٽ‘ چوندو هو ته بنا شرط آڻ مڃائڻ سان ھارايل رياست جي عوام تي ڪو اثر نٿو پوي ۽ عوام مٿان مڙهيل حُڪومت جي ظلم ڀريي رويي ۽ نظريي جو خاتمو اچي ٿو وڃي. [1]

حوالا سنواريو