غيبي ديرو قبرستان

غيبي ديرو قبرستان انگريزي (Ghaibi Dero Graveyard) سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي قنبر علي خان تعلقي ۾ ڳوٺ غيبي ديرو[1] کان اتر-اولھ ۾ اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪاڇو ۾ هڪ تاريخي قبرستان آهي. تاريخي طور هيءُ قبرستان رانڪن وارا قبا طور گھڻو مشهور آهي. قبرستان تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن قبرستان ۾ چانڊيه سردارن ، چانڊيه جرنيلن ۽ چانڊيه قبيلي جي ماڻهن کان علاوه ٻين قبيلن جا ماڻهو دفن ٿيل آهن. هن قبرستان ۾ مقبرا ڪلھوڙن جي دور جي تعمير جو نادر نمونو آهن. مقبرن جي اندرين توڙي ٻاهرين ديوارن تي بهترين چٽسالي ٿيل آهي جيڪا مغل، ڪلهوڙا، ٽالپور ۽ انگريز دور جي شاندار آرٽ جو يادگار آهي. گلن ٻُوٽن ۽ پنن جي ڊزائنن کانسواءِ پکين، جانورن، ماڻهن، گھوڙيسوارن، جنگين ۽ داستانن جون تصويرون نقش ٿيل آهن. [2]

غيبي ديرو قبرستان جو ڏيک

حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-02-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-17 
  2. http://weeklyroshni.com/article/title/791