سنڌ جي سهڳڻي شاعر غلام نبي گل جو جنم 10 سيپٽمبر 1932، سيپٽمبر تي ڇنڇر ڏينھن ٿيو. جڏهن ته هجري سن 1351 جو مھينو ربيع الثاني جي 8 تاريخ ۽ بڪرمي 1989جي بڊي مھيني جي 26 تاريخ. غلام نبي گل استادي پيشي (تعليم ۽ تدريس) سان وابسته رهيو ۽ اهڙي طرح سائين عمر جا 60 سال پورا ڪري 1992ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. لڳ ڀڳ ارڙهن (18) ڪتابن جي مصنفَ شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون به لکيون. سندس ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب شايع ٿيا. جن مان ”دعا جا پير“ 2002ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب 16 ڪھاڻين جو مجموعو آهي. سندس افسانن جو ٻيو ڪتاب ”مان ڪير آهيان“ 2004ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ به 18 ڪھاڻيون ڏنل آهن. غلام نبي گل آخري پساهن تائين محلي لطيف ڪالوني، رحمت پور لاڙڪاڻي ۾ واقع پنهنجي گھر ۾ رهائش پذير رهيو. گل صاحب 17 نومبر 2016ع تي 84 ورهن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.