غلام محمد آريجو
غلام محمد آريجو، مولانا غلام محمد غلام، ولد محمد عثمان آريجو ڳوٺ خيرمحمد آريجا تعلقي ڏوڪريءَ ۾ 1850ع ۾ ڄائو. مولوي غلام محمد جو تعلق عالم ۽ باعمل خاندان سان ھو. ھو پاڻ به اعليٰ پايي جو عالم، شاعر، حڪيم ۽ قاضي ھو. تنھن کان علاوه نثر توڙي نظم ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. سندس ڪلام رسالي ”توحيد“، ”الڪاشف“ ۽ ”الوحيد“ جي صفحن جي زينت بڻجندو ھو. تاريخي ماده ڪڍڻ ۾ خاص مھارت حاصل ھئس. هن ڪيترن ئي عالمن جون قطعه تاريخون لکيون آهن، تنھن کان سواءِ ڪن رسالن ۽ ڪتابن جي اشاعتن تي پڻ قطعه تاريخون لکيون اٿس. انھيءَ سلسلي ۾ ”الڪاشف“ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ھن طرح رقم طراز آھي: مولانا دين محمد وفائيءَ سان مولوي صاحب جا علمي ۽ قلمي ناتا تمام گھرا ھئا. وفائي صاحب لکي ٿو ته ان وقت جي شاعرن مان منھنجو بزرگ دوست حڪيم غلام محمد ھڪ عمدو اھل قلم ھو. مون کيس گذارش ڪٿي ھئي ته حضرت شاھ صاحب اسدالله شاھ ٽکڙائيءَ جي وفات تي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي موڪلي. ان وقت مرحوم حڪيم صاحب جيڪي تاريخون لکي موڪليون، سي اڄ تائين محفوظ آھن. ھڪ اندازي موجب پاڻ سن 1931ع تي وفات ڪري ويو.[1]