غلام احمد نظامي
غلام احمد نظامي(انگريزي: Ghulam Ahmed Nizami)، سنڌي زبان جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري قومي شعر چيو اٿس، ۽ مسلمانن جي عظمت رفت جو ذڪر ڪري، برصغير پاڪ وهند جي مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻ لاءِ وڏي واڪي سڏيو اٿس. چوي ٿو:
’نظامي‘ غلامي ملي ڇو اسان کي، خدا خوب ڄاڻي ٿو پنهنجي ڪمن کي.
پاڪستان جي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. پنهنجي شعر جي ذريعي، سنڌ جي مسلمانن کي پاڪستان جي تحريڪ ۾ سرگرم عمل ٿيڻ لاءِ سڏيو اٿس. اهوئي سبب آهي، جو کيس بچا طور سنڌ جو ”قومي شاعر“ سڏي سگهجي ٿو. هو ذات جو ميمڻ هو، ۽ 15- جون 1895ع تي لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو.[1] مولانا گرامي مطابق ڪراچي ۾ ڄائو ھو جو سندس وڏا اڳي ئي لڏي ڪراچي ۾ آيا . ھن جو والد حاجي محمد صديق محنتي ماڻهو ھيو جنھن ڪراچي م سنڌ اسلاميہ ھوٽل جو بنياد وڌو..[2]ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ مطابق نظامي جلد ئي لڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو. اتي پهريائين پنهنجي ڀاءُ وٽ ”سنڌ بلوچستان“ هوٽل ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ٻنهي ڀائرن ”سنڌ اسلاميه هوٽل “ قائم ڪيو.[3] مولانا گرامي لکي ٿو تہ ڇھن ورھين جي عمر ۾ سندس تعليم ھڪ اردو اسڪول ۾ شروع ٿي جيتوڻيڪ تعليم جو معيار ايترو بھتر نہ ھيو پر ھن پنھنجي ذوق ۽ مسلسل مطالعي، سير وسفر ۽ علمي مجلسن ۾ اٿ ويھ ذريعي استعداد حاصل ڪري اڳتي ھلي سنڌي ٻولي جو قومي شاعر بڻجي ويو. شروع ۾ اردو ۾ ڪلام چيائين پوء سنڌي ۾ . ابتدا ۾ سندس تخلص "اصغر" ۽ پوءِ "خبطي" ۽ آخر ۾ 1926 ۾ مرشد جي نسبت قائم رکڻ لاءِ "نظامي" اختيار ڪيائين.[4] ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ مطابق شعر ۾ پهريائين ”اصغر“ ۽ ”خاڪي“ تخلص ڪندو هو. ان کان پوءِ حضرت خواجه حسن نظامي کان متاثر ٿي، ”نظامي“ تخلص اختيار ڪيائين يعني پنهنجي نسبت چشتي طريقي سان ڳنڍيائين.نظامي مرحوم سنڌي جي شاعرن ۽ اديبن جي جماعت ”جميعت الشعراء سنڌ“ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سيپٽمبر 1945ع کان ڊسمبر 1949ع تائين ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جيڪو ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي سهاري هيٺ لاڙڪاڻي مان نڪرندو هو. سندس شعر جا مجموعا ”بياض نظامي“ ۽ ”رياض نظامي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهن. انهن کان سواءِ نثر ۾ به ڪجهه ڪتاب لکيائين، جهڙوڪ: گلزار پنجتن، خدائي انتقام، شريف ماسترياڻي ۽ گلشن سنڌ.[5]سندس ابتدائي ڪلام جي اصلاح مرحوم مخلص ۽ پوء حاجي محمود خادم صاحب ڪئي آھي. تحريڪ خلافت دوران ھن گل ۽ بلبل جي شاعري کي ترڪ ڪري قومي شاعري شروع ڪئي. نثر ۾ ھن جا ڪيترائي مضمون "ڪاميابي"، "الوحيد"، ۽ "ترقي" نالي رسالن ۽ اخبارن ۾ موجود آھن. ھن حور دمشق جي نالي ھڪ ناول پڻ لکيو. پنھنجي آخري ايام م ھن ھڪ ھفتيوار پرچو "وحدت" پڻ جاري ڪيو جنھن جا ٻہ چار نمبر سندس زندگي ۾ جاري ٿيا..[6]
وفات
سنواريو23- فيبروري 1951ع تي جمع جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين
حوالا
سنواريو- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }