غسل ٽپ (Bathtub) گھڻو ڪري عمدہ ۽ وڏن گھرن جي غسلخانن ۾ لڳايو ويندو آھي ۽ قيمت ۽ لڳائڻ جي خرچ جي لحاظ کان نھايت ئي مھانگو پوندو آھي. ھيءُ اٽڪل 5′-6″ کان 6′-0″ ڊگھو ٿيندو آھي ۽ 1′-8″ کان 2′-4″ ويڪرو ٿيندو آھي. فرش جي ليول کان ٽب جي ڪني (Rim) تائين ٽب جي اوچائي اٽڪل 2 فوٽ ٿيندي آھي ۽ اھو اندران 17 انچن کان 18 انچن تائين اونھون ھوندو آھي.[1]

وھنجڻ جو ٽب
  1. ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءالدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ