عَمان

اردن (جارڊن) جي راڄڌاني
سلطنت عمان سان ڀل نہ کائو.

عمان، يا، اممان (عربي ٻولي: عَمّان pronounced [ʕam:a:n]، انگريزي ٻولي: Amman؛ English pronunciation: /ɑːˈmɑːn/) اردن مُلڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ان جو سڀ کان وڏو شهر هئڻ سميت مُلڪ جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي.[5] اُتر وِچُ اولهه اردن ۾ واقع عمان شهر اممان حاڪم جو انتظامي مرڪز آهي. شهر جي آبادي 4،007،526 ۽ پکيڙ 1،680 چئورس ڪلوميٽر (648.7 چورس ميل) آهي.[6] اڄ ڪلهه اممان (عمان شهر) کي جديد ترين عرب شهرن منجهان هِڪُ سمجيو وڃِي ٿو[7] هي علائقو (خِطو) خاص طور تي عرب ۽ يورپي سياحن جي لاءِ هڪ اهم سياحتي مقام آهي.[8]

عمان
عَمّان
شهر
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان
مھر
خريطة مدينة عمان.png
عمان is located in Jordan
عمان
عمان
عمان is located in Arab world
عمان
عمان
عمان is located in Asia
عمان
عمان
جاگرافي بيهڪ: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278مڪانيت: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278
ملڪ Flag of Jordan.svg اردن
اردن جا حاڪم عمان شهر جا حاڪم
قيام 7250 ق م
ميونسپالٽي 1909
حڪومت
 • ميئر يوسف الشواربہ[1][2]
پکيڙ
 • ڪل ١٬٦٨٠ ڪ.م٢ (٦٥٠ ميل٢)
بلند ترین  پیمائش ١٬١٠٠ ميل (٣٬٦٠٠ ft)
گھٽ ترین  پیمائش ٧٠٠ ميل (٢٬٣٠٠ ft)
آبادي (2016)
 • ڪل ٤,٠٠٧,٥٢٦

اممان (عمان) ۾ آباديءَ جون ابتدائي شاهديون نيوليٿِڪ جي مقام عين غزال وٽان مليون آهن جِتي آڳاٽا ترين 7250 ق م (مسيحي کان اڳ) وارا انساني ڍانچا لَڌا (دريافت) ويا آهن. لوهه وارو زمانو ۾ شهر کي عمون سڏيو ويندو هيو جيڪو مملڪت عمون جي هاديءَ جو هنڌ هُيو. رومي دور ۾ ان جو نالو فلاڊيلفيا هيو ۽ پوءِ اسلامي دور ۾ انکي عمان نالو ڏنو ويو. وچون دور ۽ وچون دور کانپوءِ هي هڪ غير آباد شهر هُيو. جديد عمان جي تاريخ اُڻويهين صديءَ ۾ اديگي تارڪين وطن جي عثماني سلطنت پاران اُتان 1867 ۾ آبادڪاري سان شروع ٿي هئي. پهريون بلدياتي ڪائونسل جو قيام 1909 ۾ عمل ۾ آيو.[9] 1921۾ اردن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ کانپوءِ عمان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. شهر پناهہ وٺندڙن (پناهگيرن) جي لاڳاتار لڏپلاڻ وارين لهرن کي پڻ سهارو ڏنو جنهن ۾ 1948 ۽ 1967 ۾ فلسطين کان، 1990 ۽ 2003 ۾ عراق کان ۽ 2011 کانپوءِ شام جا پناهگير شامل آهن. List of cities claimed to be built on seven hills شرعات ۾ هي شهر ست ٽَڪرين تي آباد ٿيو ۽ هاڻي هي 19 ٽَڪِرِين تي پکڙجي چُڪو آهي.هن شهر جا 27 ضلعا آهن [9] جيڪي عمان ميونسپالٽي جي انتظام هيٺ آهن ۽ ان جو هاڻوڪو ميئر يوسف الشواربہ آهي.[10] عمان جي علائقن جا نالا ٽَڪرين ۽ وادين جي نالي تي آن جتي اهي واقع آه مثلاً وادي عبدون ۾ واقع عبدون پاڙو۔[9] آُڀرندو عمان بنيادي طور تاريخي ماڳن سان ڀريل آهي جيڪو اڪثر ثقافتي سرگرمين جي ميزباني ڪري ٿو، جڏهن تہ اولهندو عمان گهڻوئي جديد ۽ شهر جو اقتصادي مرڪز آهي.[11]

تقریبن ٻه ملين گهمڻ ايندڙ2014 ۾ عمان پهتا، جيڪي ان شهر کي دنيا جو 93 هون ۽ عرب دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ گُهميو ويندڙ شهر بڻائي ٿو.[12] عمان جي معيشت هڪ نسبتن تيزي سان وَڌَندَڙَ معيشت آهي [13] ۽ عالمي شهر جي انڊيڪس ۾ انکي بيٽا شهر جو درجو ڏنو ويو آهي.[14] انکانسواءِ انکي اقتصادي، مزدور، ماحولياتي، سماجي ۽ ثقافتي عنصرن مطابق وچ اوڀر مڊل ايسٽ ۽ اتر آفريڪا جي ڀَلَن شهرن منجهان هڪ جو درجو حاصل آهي.[15] هي شهر عرب دنيا ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشننز جي قيام لاءِ دوحا سان گڏ مقبول ترين ماڳن منجهان آهي ۽ ان معاملي ۾ هي رُڳو دبئي کان پُٺتي پيل آهي. اهو سمجهيو وڃِ ٿو تہ اِيندڙ 10 سالن ۾ هي ٽِي شهر علائقا ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز جي گهڻي ئي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويندا.[16]

اشتقاقياتسنواريو

چترشالاسنواريو

رانديونسنواريو

حوالاسنواريو

  1. "New Amman mayor pledges ‘fair and responsible’ governance". jodantimes.com. حاصل ڪيل 2018-10-23. 
  2. "New Member: Yousef Al-Shawarbeh – Amman, Jordan". globalparliamentofmayors.org. حاصل ڪيل 29 December 2018. 
  3. Trent Holden, Anna Metcalfe (2009). The Cities Book: A Journey Through the Best Cities in the World. Lonely Planet Publications. p. 36. ISBN 978-1-74179-887-6. https://books.google.com/books?id=wGCGLEO-Vs8C&pg=PA36. 
  4. "Amman's Street Food". BeAmman.com. BeAmman.com. وقت 2015-09-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-09-26. 
  5. "Revealed: the 20 cities UAE residents visit most". Arabian Business Publishing Ltd. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  6. "Population stands at around 9.5 million, including 2.9 million guests". The Jordan Times (دي جارڊن نيوز). 2016-01-22. http://www.jordantimes.com/news/local/population-stands-around-95-million-including-29-million-guests. Retrieved 2016-01-22. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Rt.com
  8. "Number of tourists dropped by 14% in 2013 — official report". دي جارڊن ٽائمز (The Jordan News). 2014-02-08. http://www.jordantimes.com/news/local/number-tourists-dropped-14-2013-—-official-report. Retrieved 2015-09-21. 
  9. 9.0 9.1 9.2 Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 35. ISBN 978-1-57607-919-5. https://books.google.com/books?id=3SapTk5iGDkC&pg=PA35. 
  10. "Aqel Biltaji appointed as Amman mayor". The Jordan Times (The Jordan News). 2013-09-08. http://www.jordantimes.com/news/local/aqel-biltaji-appointed-amman-mayor. Retrieved 2015-09-21. 
  11. "West Amman furnished apartments cashing in on tour". The Jordan Times. The Jordan News. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  12. "Top 100 International Tourist Destination Cities by Country" (PDF). Euromonitor. Euromonitor/. حاصل ڪيل 2015-10-05. 
  13. "How a Startup from the Arab World Grabs 1B Views on YouTube". Forbes. Forbes. حاصل ڪيل 2015-09-29. 
  14. "The World According to GaWC 2012". GaWC. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  15. IANS/WAM (2010-11-26). "Abu Dhab duke City' in MENA region". sify news. http://sify.com/news/abu-dhabi-voted-best-city-in-mena-region-news-international-kl0wuhjcbdc.html. Retrieved 2015-09-22. 
  16. "Dunia Frontier Consultants » Doha, Amman Favored by MNCs as New Regional Hubs". Duniafrontier.com. حاصل ڪيل 2012-11-28. 

خارجي ڳنڍڻاسنواريو

  Amman سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage