عينيت تصور پرست تحريڪ جو پيغمبر پادري برڪلي هو. هن چيو ته مادي کي اوهان احساس ۽ مشاهدي جي ذريعي سڃاڻو ٿا ان جي حقيقت حواسن جي شاهديءَ ۾ آهي، جيڪڏن ڪو ذهن ان جو مشاهدو نه ڪري ته ان جو وجود (جيتريقدر اسان چئي سگهون ٿا) ئي نه هجي. نه رڳو ايترو پرڪانٽ ان ۾ وڌيڪ واڌارو ٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته اهي احساس پنهنجي ليکي بي معنيٰ مجموعو آهن، اها مشاهدي جي قوت آهي جيڪا انهن وکريل احساسن کي ترتيب ڏيئي ڪا بامعنيٰ صورت ٿي ڏي. يعني احساسن ۾ ترتيب ذهن آڻي ٿو ۽ انهن کي هڪُ به ذهن ٿو ڪري ۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن به شيءِ جي رڳو اڌ کي مشاهدو ڪندڙ ذهن تخليق ٿو ڪري. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ذهن جيڪو شين کي جوڙي ٿو يا تخليق ٿو ڪري پاڻ ڪيئن مادي جي پيداوار ٿي سگهي ٿو.[1] ”اوهان ٺيڪ ٿا چئو“ انهن مان سڀ کان صاف ذهن رکڻ واري شوپنهار چيو: ”جنهن حقيقت کي اسين پوريءَ طرح سمجهي سگهون ٿا اها اسان جو پاڻ آهي، اها کِل جهڙي ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي ان ”پاڻ“ کي اهڙي مادي ۾ بدلائي ڇڏيون جنهن کي اسان خيال جي صورت ۾ پنهنجن اڻ پورن حواسن سان حاصل ٿيل شاهدين سان سڃاڻون ٿا. جيڪڏهن اسان مادي کي اندران ۽ ٻاهران اهڙيءَ طرح ڄاڻي سگهون ها جهڙيءَ طرح اسان پنهنجي پاڻ کي ٿا ڄاڻيون ته اسان مادي جي اصليت ۽ ارادي جي اها قوت ڏسون ها جيڪا اسان جي جسمن کان وڌيڪ اسان جي ذهنن جي ويجهو آهي. اهڙين حالتن ۾ منطق جي نقطئه نگاهه کان ماديت لاءِ جاءِ ڪانهي، بخرموشوف ۽ مائرباغ ساده فلاسافر آهن: اها ڪچي ڦڪي ماديت جيڪا اڻويهين صديءَ جي وچ ۾ ان خودفريبيءَ سان پيش ڪئي وئي ته هيءَ هڪ نئين فلاسافي آهي، اها احمقاڻي انداز سان حياتيءَ جي ارادي کان انڪار ٿي ڪري ۽ سڀ کان پهرين زندگيءَ جي حقيقتن جي طبعياتي ۽ ميڪانڪي قوتن سان تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ۽ پوءِ انهن کي مادي جا ميڪانڪي اثر ٿي چوي. روشني، حدت ۽ بجليءَ جون خاصيتون پري جي ڳالهه آهن مان اهو به نٿو مڃي سگهان ته عام ڪيميائي مرڪبن جي به ميڪانڪي تشريح ٿي سگهي ٿي. انهن جي تشريح قوت سان ئي ڪري سگهجي ٿي.[1] نٽشي کي ماده جو اهو نظريو ۽ ارادي جي قوت جو تصور ورثي ۾ مليو هو جيڪو هن شوپنهار جي ارادي واري نظريي کان ورتو هو. ڪو ديندار به ماديت جي ايترو خلاف نه هوندو جيترو راهبن ۽ دينيات جو مذاق اڏائيندڙ هي فلاسافر هو. هن جو پروگرام هو ته ”ميڪانڪيت ۽ مادي کان بلڪل پرهيز.“ ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي هيٺين درجي لاءِ اظهار جا طريقا آهن ۽ اها نهايت گهٽيا شڪل آهي جيڪا ارادي جي قوت اختيار ڪندي آهي.“ هڪ سٺي جرمن وانگر تصور پرستيءَ جي فلاسافيءَ کي هو پوريءَ طرح هضم ڪري ويو. هن جو چوڻ آهي ته مادو فريب آهي، اهڙو وهم آهي جيڪو اسان حواسن مان حاصل ٿيندڙ شاهدين جي تشريح لاءِ گهڙيو آهي.[1] جيستائين مادي ائٽمن جو تعلق آهي هي هڪ اهڙي فلاسافي آهي جنهن جي پوريءَ طرح ترديد ٿي چڪي آهي ۽ يورپ جي علمي دنيا ۾ ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي جيڪو ان کي اهميت ڏي. هو شونپهار وانگر ان نتيجي تي پڳو ته اهو مفروضو پيش ڪري سگهجي ٿو ته ساري ميڪانڪي عمل ۾ جيڪا به قوت ڪم ڪري ٿي اها ارادي جي طاقت يا ارادي جو اثر آهي. هڪ ائٽم ارادي جي قوت جو هڪ معمولي مقدار آهي.[1] تصور پرستيءَ انهن باغين تي حيرتناڪ اثر ڪيو جيڪي ماديت ڏانهن مائل هئا ته اها مذهبي عقيدن جي خلاف استعمال ٿي سگهي ٿي، هربرٽ اسپينر چيو ته مون کي جيڪڏهن چيو وڃي ته ٻن مان هڪ جي چونڊ ڪر، هڪُ ذهني واقعن کي مادي واقعن جي وسيلي سمجهڻ، ۽ ٻيو مادي واقعن کي ذهني واقعن جي وسيلي سمجهڻ ته مان پهرين جي چونڊ ڪندس، ۽ مايوسيءَ جو دلچسپ پيغمبر برٽرينڊرسل لکي ٿو:

اهو عقيدو ته رڳو مادوئي حقيقت آهي انهن شڪ وارن دليلن جي آڏو بيهي نه سگهندو جيڪي حواسن جي طبعي احساسن جي ميڪانڪيت مان اڀرن ٿا، تاريخي لحاظ کان اسان ماديت کي عقيدن جو اهڙو نظام ٿا سمجهون جيڪو روايتي عقيدن جي ترديد لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا ته جيئن جيئن پراڻا عقيدا وکرندا ٿا وڃن ماديت ميڪانڪيت ۾ بدلبي ٿي وڃي، اڄڪلهه ماديت جي تشهير جا وڏا اڳواڻ آمريڪا جا ڪي سائنسدان ۽ روس جا ڪي سياستدان آهن ڇاڪاڻ ته انهن ٻن ملڪن ۾ مذهب جي روايتي فلاسافي اڄ به اقتدار ۾ آهي.[1]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو