عيشا ڪنسارا (Esha Kansara) مشھور ڀارتي اداڪارا آهي، جيڪا پنھنجي ٽيليويزن ۽ فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي ڪم لاءِ مشهور آهي. هن کي هندي ۽ گجراتي ميڊيا، خاص طور تي ٽيليويزن سيريلز ۾ پنهنجي پرفارمنس لاءِ تمام گھڻي سڃاڻپ ۽ مشھوري ملي آھي. عِيشا 2012ع ۾ پنهنجي اداڪاري جي شروعات ڪئي هئي.

سندس قابل ذڪر شروعاتي ڪردارن مان هڪ مشهور هندي ٽي وي سيريز "يه هي عاشقي“ (Yeh Hai Aashiqi) هئي، جتي هن پنهنجي زبردست اداڪاري جي جوھرن سان اسڪرين تي پنھنجي موجودگي لاء ڌيان حاصل ڪيو هو. هُن ٻين به قابل ذڪر ٽي وي شوز ۾ به پنھنجي اداڪاريءَ جا جوھر ڏيکاريا آھن، جن ۾ ”تُو عاشقي“ (Tu Aashiqi)، ۽ ”آپ ڪي آ جان سي“ (Aap Kay Aa Jany Sey) شامل آهن. ان کان سواءِ عيشا ڪنسارا ميڊم سر شو (Madam Sir Show) ۾ مِسري پانڊي (Misiri Panday) جي ڪردار سميت ٻين ڪيترن ئي ڪردارن جي ذريعي ڀارتي ٽيليويزن انڊسٽري ۾ هڪ باصلاحيت اداڪارا جي حيثيت سان تمام گھڻي مشھوري ماڻي آھي.</ref> https://en.wikipedia.org/wiki/Esha_Kansara'<ref>