عنبر (عربي: عنبر، هندستاني، وغيره: عنبر، عافطاه، ۽ عافطر. شاھ ٻوٽي) ڳوڙهن ۾ ٻڌل ڀوري ۽ ڪاري رنگ تي ميڻ وانگر خوشبودرا ٿيندو آهي. دريائي جانورن جي پيدائش آهي. (ڪي چون ٿا تہ جبل جي پيدائش آهي.)

طب سنواريو

رئيس عضون کي قوت ڏئي ٿو، ظاهري ۽ باطني حواسن کي فرحت بخشي ٿو. فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، جلندر، مٿي جي ڦيري، وسواس، ماليخوليا، مثاني، گڙدن، دماغ، جگر، سرسام، ۽ ٻين سرد بيمارين ۾ فائدو ڪري ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.