پروفيسر عنايت علي خان 10 مئي، 1935ع تي ریاست ٽونڪ ۾ پيدا ٿيو. نومبر، 1948ع ۾ هجرت ڪري پاڪستان آيو ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. مئٽرڪ گورنمينٽ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي اي سٽي ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. سال 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي جو امتحان ڏنو ۽ سڀني يونيورسٽين ۾ پهريون نمبر آيو. هن سنڌ صوبي جي مدرسن لاءِ اردو درسي ڪتاب مقابلي جي بنياد تي لکيا ۽ ڇهن ڪتابن تي انعام حاصل ڪيائين. درس و تدريس ۾ مشغول رهيو. بنيادي طور تي مزاحيه شاعر هو، ان انداز سبب کيس اڪبر ثاني به سڏيو ويندو هو، سندس انداز اڪبر الآباديءَ جهڙو هو. پروفيسر عنايت علي خان ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ نظمن جا ٻه ڪتاب پڻ لکيا، سندس نظم ”بول ميري مڇلي“ ڪيترن ئي مزاحيه سٽن جي ڪري مشهور ٿيو.