علوف بي
ترڪ بادشاهه علوف بي (1394ع کان 1449ع) هو، علوف ستاره شناس ۽ فلڪيات جو ماهر به هو. علوف بي جي ستارن ۽ فلڪيات بابت جدول کي “زائچ” چيو ويندو هو ۽ ان کي بطليموس جي جنتريءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي مڃيو وڃي ٿو. علوف بي جي جدول ۾ 1018 تارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي هنڌ جي وضاحت ڪيل آهي. اها جدول سن 1437ع ۾ مڪمل ڪئي وئي. چيو وڃي ٿو ته سترهين صدي عيسويءَ تائين ان جدول کي بلڪل ٺيڪ ۽ غلطين کان پاڪ سمجهيو ويندو هو. علوف بي جو استاد ڪديزاد رومي هو، جنهن کي پنهنجي وقت جو افلاطون چيو ويندو هو. اياز الدين جمشيد سان گڏجي هُن سمرقند ۾ هڪ رسدگاهه به قائم ڪئي هئي. ان رسدگاهه ۾ زمين، عطارد، زهره، مريخ، مشتري، زحل، يورينس ۽ ٻين گرهن جو مشاهدو ڪيو ويندو هو. [1] [2]
حوالا
سنواريو- ↑ تخليق خالق کانسواءِ؟ (عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-18
- ↑ ڪتاب:تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ: عمر عطيلا ايرگي