علم جوتش, اسٽرونامي يا علم فلڪيات موجب آسمان تي موجود تارن يا تارن جي ميڙن (ڪهڪشائن) مان جيڪي ڌرتيءَ کي ويجها آهن ۽ انهن جي ڪشش ثقل ۽ روشني جي شعائن جا اثر زمين تي موجود ماحول تي پڻ پون ٿا. جنهن سبب ڌرتي جي موسمن تي اثر پوي ٿو. انهن تارن يا تارن جي ميڙ کي هندي ۾ نکشتر ، انگريزي ۾ گليڪسي، عربي ۾ برج يا ساعت ۽ سنڌي ۾ نکٽ چيو وڃي ٿو . نکٽن ۽ سنبت وڪرمي سال جي لاڳاپي بابت علم نجوم اسٽرونامي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سنبت وڪرمي سال جي هر تاريخ تي روزانو هڪ ڌار نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جو ڌرتي تي اثر پوي ٿو، جڏهن ته هر مهيني جي موسم تي هڪ نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جي لاڳيتا 14 ڏينهن اثر هلي ٿو. انهي حساب سان هر مهيني جي موسم تي ٻن يا ٽن نکٽن جي روشني جي شعاعن ، ڪشش ثقل جو زميني ماحول تي اثر ٿئي ٿو . باقي ٽن نکٽن ( تارن جي ميڙ ) جا اثر ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن ٻين نکٽن سان گڏ ٿين ٿا. اهي منفرد نکٽ ( تارن جا ميڙ ) اڀچت ، اترا پادريدا ۽ ريوتي آهن . اهڙا ڌرتي تي اثر رکندڙ نکٽ هاڻي جي جديد تحقيق موجب لکن جي تعداد ۾ ٿي سگهن ٿا. پر قديم تحقيق ۽ ويدن موجب 28 نکٽ (تارن جا ميڙ ) هن ڪائنات ۾ موجود آهن. جن جا اثر سنبت وڪرمي سال جي مهينن ۽ تاريخن تي ٿين ٿا. انهن جا نالا هي آهن.

  • 1. اشوني
  • 2 . ڀرڻي
  • 3. ڪارتڪ
  • 4. روهڻي (روهڻ)
  • 5. مرگشر(مرگهسر)
  • 6. آردرا ( آڊ )
  • 7. پنروسو
  • 8. پشيه
  • 9. آشيليشا
  • 10. مگها
  • 11. پورواڦالگني
  • 12 . اتراڦالگني
  • 13. هست
  • 14. چترا
  • 15.سواتي
  • 16. وشاکا
  • 17. انوراڌا
  • 18. جيشٺا
  • 19. مول
  • 20. پورواشاڍا
  • 21.اتراشاڍا
  • 22. اڀچت
  • 23. شروڻ
  • 24. ڌنشٺا
  • 25.ستڀشا ( شتتارڪا )
  • 26. پورواڀا درپدا
  • 27. اترڀادرپدا
  • 28.ريوتي

[1]

  1. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-22 

[1]

  1. ڪتاب: ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، ليکڪ: مشڪور ڦلڪارو