علامه محمد ادريس ڏاهري

علامه محمد ادريس ڏاهري نقشبندي سنڌ جو مشهور واعظ ۽ خطيب آهي ۽ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جو مصنف آهي. سندس ڪارنامن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جو مڪمل تفسير نوَ جلدن ۾ لکيل به شامل آهي.

علامه محمد ادريس ڏاهري نقشبندي طريقي ۾ درگاهه الله آباد شريف جي باني پير سهڻا سائين کان خلافت حاصل ڪئي، ۽ کانئس بعد سندس فرزند ۽ گادي نشين پير سڄڻ سائين سان بيعت ڪئي.