عقيقو يا جهُنڊ لهرائڻ هيءَ رسم تڏهن ادا ڪبي آهي، جڏهن ڇوڪر جي عمر ٽن مهينن کان هڪ سال تائين ٿيندي آهي. ڪن هنڌن تي ماڻهو انهيءَ جشن ۾ هڪ بي عيت ٻڪري يا دُنبي جي قرباني ڪندا آهن. دُنبو شرعي اصولن مطابق حلال ڪيو ويندو آهي. پوءِ گوشت مان هڏا خبرداريءَ سان ڪڍندا آهن ته جيئن ڀڄي نه پون. گوشت مان عالمن، عزيزن ۽ فقيرن لاءِ کاڌو تيار ڪندا آهن. جڏهن حجام ٻار جا جهنڊ لاهيندو آهي، تڏهن اها دُنبي جي هڏن سان گڏ کل ۾ وجهي، ڪنهن مقام يا در جي چانئٺ هيٺان پوري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته قيامت جي ڏينهن اهي شيون گهوڙي جي صورت وٺي اٿينديون ۽ ٻار کي پلصراط جي مٿان ٽپائي بهشت ۾ ڇڏينديون. چئن ورهين ۽ چئن مهينن جي ڄمار ۾ ڇوڪر کي اسڪول ۾ ويهاريندا آهن. انهيءَ موقعي تي استاد کي خرچي يا ڪا سوکڙي ڏيندا آهن ۽ ٻي ڪا خاص شيءِ ڪانه ڪبي آهي.[1]

  1. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ