عاقرقرحو (ٻيا نالا: ع: عودالقريح، ف: عاقرقرحہ، ھ/ا، وغيرہ: اڪر ڪرا ۽ اڪلڪہ) ڪاري رنگ تي، ذائقي ۾ تيز ٽيج ڪاٺيءَ جھڙي هڪ پاڙ آهي.

طب سنواريو

خاصيت: فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، عزاز، سنڌن جي سور، سيني جي سور، عرق النسا ۽ هڏين جي سور لاءِ مفيد آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. سرد مزاج وارن جي قوت باھ وڌائي ٿو. هن کي سرڪي ۾ ڪاڙهي، ڏندن ۽ مھارن جي سور لاءِ گرڙيون ڪرائبيون آهن. خراب ناسورن جي گوشت کي کائي صفا ڪري ٿو. زبان جي اٽڪ لاءِ هن جي ڪاٺي چٻاڙجي هن جي قوت ست سال رهي ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.