عظيم جرمن نظريو يا پين جرمنزم (انگريزي ٻولي: Pan Grermanism) اصل ۾ يورپ جي جرمن ڳالهائيندڙ علائقن ۾ هلائي ويندڙ هن تحريڪ جو خاص مقصد هيو، ته پهرئين مرحلي ۾ جرمن ٻولي ڳالهائيندڙ سڀني باشندن کي هڪ ئي جهنڊي هيٺ آندو وڃي. هن تحريڪ جو ٻيو مقصد مشرقي يورپ جي علائقن تي قبضو ڪري، اتان جي ملڪن کي پنهنجون بيٺڪيتون بنائڻ ۽ جرمنيءَ جي دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءَ هڪ مضبوط سامونڊي فوج تيار ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ يهودين جي سخت خلاف هئي. هن تحريڪ جو فائدو وٺندي، هٽلر ڪيترائي نسل پرست نظريا ڏنا. جرمنيءَ ۾ نازي تحريڪ کي Pan Germanism جي نظريي تمام گهڻي هٿي ڏني. هن تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ايران کان وٺي سڀني آريائي نسل جي قومن کي متحد ڪري، ”عظيم آريائي سلطنت“ وجود ۾ آڻڻي هئي. ان ڏس ۾ آريائي نسل جي قومن وچ ۾ رابطن ۽ مواصلات سميت سڀني سرشتن کي وڌائڻو هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد