عطر خان
عطر خان(انگريزي: Attur Khan) شھنشاھ فرخ سير کيس ٺٽي جو گورنر ڪري موڪليو ڪجهه مھينا اتي رھيو پر وفات ڪري ويو[1].فرخ سير ٺٽي جي حڪومت عطر خان پٽ خان بهادر سعيد جي حوالي ڪئي. عطر خان کي حڪومت هلائڻ جو تجربو نه هو ان ڪري حڪومت جو سڄو ڪاروبار محمد يعقوب ڪشميري هلائيندو هو، جنهن جي ڪري سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ عطر خان کي مير لطف علي خان سان جنگ ڪرڻي پئي ۽ هزار ڪوششن ۽ بهادريءَ جي باوجود به مارجي ويو. مڪلي نامه مطابق عطر خان جي قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي: بتاريخ هفتم شهر محرم مرحوم غياث الدين عطر خان عرف سعد بن سعيد خان بگلگونه شهادت رحلت نمود 1126ھ.[1]
عطر خان | |
---|---|
غياث الدين | |
ٺٽي جو مغل گورنر | |
1124ھ کان 1125ھ تائين | |
پيشرو | خواجہ محمد خليل |
جانشين | لطف علي خان |
ريجنٽ | محمد فرخ سير |
لاڏاڻو | ٺٽو |
مذھب | اسلام |