اسان جي شمسي نظام ۾ سڀ کان تيز رفتا سيارو عطارد (علامت: ☿, Mercury) آهي. عطارد پنهنجي مدار ۾ لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر (31 ڪلوميٽر) في سيڪنڊ جي رفتار سان چڪر لڳائي ٿو ۽ سج جي پنهنجي مدار جو چڪر 88 ڏينهن ۾ لڳائي وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شروعاتي تارا شناسن ان جو نالو تيز هلڻ وارو خدا جو قاصد رکيو هو.[1]

Mercury

عطارد MERCURY

مرڪري نظام شمسي جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ۽ سج کان ويجھي ۾ ويجھو گرھ آھي . سج کان مرڪري جو مفاصلو 57.51 ملين ڪلو ميٽر آھي . ھي نظام شمسي جي پٿريلي گرھن مان ھڪ آھي .

مرڪري جو نالو رومين پنھنجي ديوتا مرڪري جي نالي تي رکيو . ھن گرھ جو مشاھدو پراڻي تاريخ کان ٿيندو پيو اچي . مرڪري ء ھر دور جي ماھرين ۽ سائنسدانن جي تجسس کي وڌايو. ھن گرھ جو مشاھدو 14 سو قبل مسيح جي آشوري سائنسدانن جي علاوه ھڪ ھزار قبل مسيح ۾ قوم بابل به ڪيو ھو . قوم بابل ھن سياري کي پنھنجي ديوتا نبو جي نالي سڏيندا ھئا .

قديم يونانين ۽ رومن سائنسدانن به ھن جو مشاھدو ڪيو .ھن جي باري ۾ مختلف نظريا پيش ڪيا . 1100 ء صدي عيسوي ۾ مسلمان سائنسدان ابو اسحاق ابراھيم الزلقالي مرڪري جي مدار جي حوالي سان اھم نظريا پيش ڪيا .

مرڪري جي تخليق اڄ کان 4.6 بلين سال اڳ ٿي . دوران تخليق ۽ تخليق کان پوء ھي گرھ شھابين جي شديد بمباري جي زد ۾ رھيو . تنھن ڪري ھن جي مٿاڇري تي ھر جاء نشان آھن . جيڪي ڪجهه ميٽرن کان وٽي ڪئي ڪلو ميٽرن جا آھن .

مرڪري سج کي ويجھي ھجڻ جي ڪري 88 زميني ڏينھن ۾ ھڪ چڪر مڪمل ڪندو آھي . ھن جو ڪو چنڊ نه آھي . ھن جي فضاء 42 سيڪڙو ماليڪيولر آڪسيجن 29 سيڪڙو سوڊيئم 22 سيڪڙو ھائڊروجن 6 سيڪڙو ھيليئم ۽ 0.5 سيڪڙو پوٽاشيئم تي ٻڌل آھي . ان کان علاوه Argon, carbon dioxide , Nitrogen, Water vapour, xenon, Krypton, Neon پڻ شامل آھن .

ھن جي درجه حرارت ڪافي حيران ڪندڙ آھي . رات جو ھن جي سطح جو درجه حرارت 173- ڪاٽو ھڪ سؤ ٽيھتر ۽ ڏينھن جو +427 واڌو چار سؤ ستاويھ سينٽي گريڊ تائين پڄي وڃي ٿو .

گرھ جي اتر ۽ ڊکڻ قطب تي سج جا ڪرڻا نه پڄڻ ڪري - 91 سينٽي گريڊ ھجي ٿو . جنھن جي ڪري قطبين ۾ پاڻي ھميشه برف جي صورت ۾ موجود ھوندو آھي .

مرڪري پنھنجي مدار ۾ تمام سست گھمندو آھي . جنھن جي مثال ھن طرح آھي جو ھي سج جا ٻه چڪر لڳائيندو آھي ته ان دوران پنھنجي مدار ۾ صرف ۽ صرف ٽي دفعا ڦرندو آھي .

مرڪري جو مقناطيسي ميدان زمين جي مقناطيسي ميدان وانگي مضبوط آھي . جيڪو تابڪاري کان ھن کي محفوظ رکندو اچي پيو .

ناسا 1975ء ۾ ميرينر Mariner ۽ 2004 ۾ Messenger space craft ميسينجر اسپيس ڪرافٽ نالي خلائي جھاز موڪليو . انھن ڪاميابيءَ سان مرڪري جي بابت ڪارائتي ۽ اھم ڄاڻ ڏني .

جاپان ۽ يورپي خلائي ايجنسين گڏجي 2018ء ۾ بي بي ڪولمبو Bepi columbo نالي خلائي اسپيس ڪرافٽ مرڪري تي موڪلڻ جو منصوبا بندي ڪئي آھي .

ھاڻي اھيو ڏسڻو آھي ته ھي اسپيس ڪرافٽ مرڪري جي ڪھڙين ڪھڙين پر اسرار رازن تان پردو ھٽائيندي .

حوالا سنواريو