عشتار يا اشتار(انگريزي: Ishtar ) انانہ يا عنانہ(انگريزي: Inanna) DINGIRINANNA) بابل ۽ اشوريا جي زرخيزي، جنگ، محبت ۽ جنسي ديوي ھئي.[3] اھا قديم ميسوپوٽاميا (موجوده عراق) جي پيار، سونھن، جنسي تعلق، خواھش، زرخيزي، جنگ، انصاف ۽ سياسي اقتدار جي ديوي ھئي. شروعات ۾ ان جي سمير انانہ يا عنانہ جي نالي سان پوڄا ٿيندي هئي پر بعد ۾ بابل جي اڪاديائي ايمپائر ۾ ان کي عشتار نالو ڏئي سندس پوڄا شروع ٿي. کيس آسمان جي راڻي طور سڃاتو ويندو هو ۽ سن 4000 ق.م. ۾ اروڪ شھر جي مندر م ان جي پوڄا ھڪ سرپرست ديوي طور ٿيندي ھئي . ان وقت اروڪ(Uruk) شھر ھن ديوي جي ڀڳتن جو مرڪز ھيو. ھن ديوي کي وينس سياري سان منصوب ڪيو ويو. شيھن ۽ اٺ ڪنڊو تارو ھن جا اھم نشان ھيا.

عشتار (عنانہ)
  • آسمان جي راڻي
  • پيار، سونھن، جنسي تعلق، خواھش، زرخيزي، جنگ، انصاف ۽ سياسي اقتدار جي ديوي

عشتار ديوي جي مورت اڪاديائي ايمپائر جي مھر تي اڪريل (2350-2150 ق. م.) تصوير ۾ ھٿيار سان مسلح ديوي جي پٺيان ھٿيار، سڱن وارو ھيلميٽ ۽ شينھن کي پيرن ۾ لتاڙي ڏيکاريل ڏيکاريل
ٺِڪاڻو آسمان
سَيَارو وينس
نشاني تيلن جي ڪنڍي نموني ڳنڍ، اٺ ڪنڊو ستارو، شينھن، گلاب نما نمونو، فاختو
ساٿي ڊمزڊ ريڍار ۽ کوڙ ٻيا بي نائن
ماءُپيءُ
  • اروڪ شھر جي روايت: ان ۽ اڻ ڄاتل ماءُ
  • اسن روايت
سن (ڏندڪٿا) ۾ نانہ ۽ ننگال
  • ٻيون روايتون: اينلل ۽ اڻ ڄاتل ماءُ


يا اينڪي ۽ اڻ ڄاتل ماء [1][2]

ڀاء ڀيڻ
  • سريش ڪيگال (وڏي ڀيڻ) ۽ اوٽو- شمش (جاڙا ڀائر)
  • ڪجهه روايتن مطابق  : اشڪور/ ھدد (ڀاء)
  • ھٽائيٽ جي ڏند ڪٿا مطابق: تيشب(ڀاء)
ٻچو عام طور تي ڪو به نه پر ڪڏھن ڪڏھن لولال ۽ شارا سندس اولاد ليکيا ويا
يوناني هم معنيٰ لفظ ايفراڊائٽ
عشتار, رات جي ديوي

فلمن ۾ ذڪر سنواريو

ھنن فلمن ۾ عشتار جو ڪردار ڏيکاريو ويو آھي۔

  • بلڊ فيسٽ (Blood Feast) (1963)
  • بلڊ ڊائنر (Blood Diner) (1987)
  • دي مول پيپل (The Mole People) (1956)

حوالا سنواريو