عزيز الله ٻوهيو
مولانا عزيز الله ٻوهيو 1 جنوري 1958 نوشهرو فيروز سنڌ ۾ ڳوٺ خير محمد ٻوهيو ۾ ڄائو. هڪ سنڌي مذهبي اسڪالر، سياسي، سماجي شخصيت ۽ ”سنڌ ساگر پارٽيء“ نالي هڪ سنڌي سياسي ۽ سماجي پارٽيء جو باني ۽ چيئرمين هيو.[1] [2]مولانا ٻوهيو مذهب، سياست ۽ ٻين اڪيچار موضوئن تي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به هيو. هو مذهبي انتها پسنديء جو وڏو سخت مخالف هيو. سندس وصيت هئي ته مرڻ کان پوء کيس ڀيلن ۽ باگڙين جي قبرستان ۾ دفنايو وڃي ته جيئن مذهبي هم آهنگي پيدا ٿئي. سندس اها وصيت سندس مرڻ تي مذهبي ۽ سياسي ڌرين ۾ بحث جو موضوع پڻ بڻي. 2 نومبر 2021ع تي مولانا ٻوهيو دل جا وال بند ٿيڻ سبب هن دنيا مان گذاري ويو.[3][1][2][4]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "مولانا عزيز الله ٻوهيو کي دل جو دورو، سيوهڻ ۾ داخل". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2021-11-06.
- ↑ 2.0 2.1 "سنڌ ساگر پارٽي جو سربراهه مولانا عزيز الله ٻوهيو لاڏاڻو ڪري ويو". SindhTvNews. حاصل ڪيل 2021-11-06.
- ↑ "برک عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوھيو وڇڙي ويو". Daily Sobh. حاصل ڪيل 2021-11-06.
- ↑ Moderator, The Time News. "عالم، اديب ۽ قومپرست اڳواڻ مولانا عزيز الله ٻوهيو لاڏاڻو ڪري ويو". The Time News. حاصل ڪيل 2021-11-06.